ھنڱورجا

درگاهن تي امن ، پيار ۽ محبت جو پيغام ملي ٿو، ڪاظم علي شاهه

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا

درگاهن تي امن ، پيار ۽ محبت جو پيغام ملي ٿو، ڪاظم علي شاهه
درگاهن تي امن ، پيار ۽ محبت جو پيغام ملي ٿو، ڪاظم علي شاهه
اين اي 217 جي فنڪشنل ليگ اميدوار پير سيد ڪاظم علي شاهه سڳيون جي درگاهه دادلو سائين جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي 3 ڏينهن واري سالياني عرس مبارڪ جي تقريبات جو افتتاح ڪيو. ان موقعي جي پير ڪاظم علي شاهه چيو ته سنڌ صوفين ، بزرگن ۽ درويشن جي زمين آهي. درگاهن تي امن ، پيار ۽ محبت جو پيغام ملي ٿو ان ڪري 11 مئي تي ٿيندڙ چونڊن ۾ سنڌ جي عوام محبتي ماڻهن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪندو جن ماڻهن ڌرتي ماءُ کي ڪرسي جي لالچ ۾ ٻن حصن ۾ تقسيم ڪيو اهي سنڌ جا ڪڏهن به خيرخواهه نٿا ٿي سگهن. هن چيو ته ڪامياب ٿي تڪ جي عوام جي قسمت بدلائي ڇڏيندس ڪوڙا واعدا ۽ ڏٽا ڏيڻ وارن ۾ ناهيون حق ۽ سچ جي آواز کي ڪير به روڪي نٿو سگهي. ماروئڙن جي خدمت ڪرڻ لاءِ چونڊ لڙي رهيو آهيان ڪامياب ٿي عوام جي ڀرپور نموني خدمت ڪندس.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button