اليڪشن 2013دادو

دادو ۾ چونڊ سرگرميون تيز ٿي ويون

نويد قريشي، انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، دادو
Election-schedule-2013دادو ۾ اين.اي 232 ۽ پي.ايس 74 تي 11 مئي تي ٿيندڙ اليڪشن جي سلسلي ۾ دادو ۾ چونڊ سرگرميون تيز ٿي ويون اين.اي 232 تي ايس.يو.پي جي اميدوار ڪامريڊ محمد چنه، پ.پ جي رفيق احمد جمالي، مسلم ليگ (ن) جي ڪريم علي جتوئي ، مسلم ليگ (ف) جي سردار چاڪر خان شاهاڻي متحده قومي مومينٽ جو دلشاد ڀٽو،سهيل ڊيوڊ پي.ايس 74 تي دلچسپ صورتحال پ.پ جي پيرمجيب الحق مسلم ليگ (ن) جو ظفر علي شاهه مسلم ليگ (ن) جي لال بخش سولنگي، مسلم ليگ (ف) جي محمد علي شاهه ايس.يو.پي جو احمد خان ملڪاڻي، پ.پ.ش جي ڪامريڊ علي محمد جمالي،متحده جو حسين بخش سولنگي،اي.پي.ايم.ايل جو علي بخش سولنگي، آزاد اميدوار رئيس بابن خان پنهور آزاد اميدوار وڪيل جبار راهوجو،آزاد اميدوار عباس وگھيو، آزاد اميدوار ڊاڪٽر جبار ٻٻر وچ ۾ سخت مقابلو ٿيندو پ.پ جي 5سال جي دور مان مايوس ٿيل ماڻهن پاران پ.پ کي ووٽ نه ڏيڻ جو فيصلو ڪندي سنڌ دوست عوام جا ڪم ڪندڙ اميدوار کي ووٽ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي پي.ايس 74 تي دلچسپ صورتحال عوام مونجھاري جو شڪار پي.ايس 74 جي مسلم ليگ (ن) جي سيد ظفر علي شاهه پاران مختلف ڳوٺن قاضي پيرمحمد سولنگي،ڦلجي اسٽيشن ۽ ٻين ڳوٺن جو دورو ڪيو ۽ مسلم ليگ (ن) پي.ايس 74 جي اميدوار لال بخش سولنگي پڻ سولنگي برادري سمئيت مختلف برادرين سان ملاقات ڪئي جڏهن آزاد اميدوار عباس وگھيو ڊاڪٽر جبار ٻٻر آزاد اميدوار جبار راهوجو پاران پنهجي ورڪ تيز ڪري ڇڏي جڏهن ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو قوم پرست پارٽين پاران چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي فيصلي کانپوءِ قومي عوامي تحريڪ جي عمره سمون ايس.ٽي.پي جو نصيرسمون ۽ ٻين چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ فارم جمع ڪرائي ڇڏيا جڏهن ته پي.ايس 75 تي پ.پ جي غلام شاهه جيلاني مسلم ليگ (ن) جي ڊاڪٽر بنده علي لغاري مسلم ليگ (ف) جو غلام رسول ٻٻر مسلم ليگ (ف) جو بلاخان شاهاڻي قاف ليگ جو حليم عادل شيخ ۽ ٻيا اميدوار چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button