اليڪشن 2013دادو

دادو ۾ ملاح برادري جو ڪٺ ٿيو ڪٺ ۾ ملاح برادري جي هزارين ماڻهن شرڪت

نويد قريشي، انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، دادو
دادو ۾ ملاح برادري جو ڪٺ ٿيو ڪٺ ۾ ملاح برادري جي هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي.ڪٺ کي خطاب ڪندي سردار حاجي ايوب ملاح چيو ته ضلعي دادو ۾ ملاح برادري جو تمام گھڻو تعداد آهي ملاح برادري کي هن وقت تائين نظر انداز ڪيو ويو آهي. اسان هميشهه ووٽ پ.پ.پ کي ڏنا آهن پر اسان کي اها موٽ نه ملي سگھي آهي جيڪا ملڻ گھرجي، هن چيو ته ملاح برادري ۾ ڪيترائي نوجوان پڙهيل لکيل آهن. جنهن باوجود به اسان جي برادري کي نظر انداز ڪيو ويو آهي. هاڻي اسان ان اميدوار کي ووٽ ڏينداسين جيڪو برادري جا مسئلا حل ڪندو،۽ بيروزگار نوجوانن روزگار ڏيندو.اسان سان ڪيتريون ئي برادريون گڏ آهن هاڻي اسان گڏجاڻيو ڪري اهڙي اميدوار کي اڳتي آڻينداسين جيڪو ملاح برادري سميت سڀني برادرين جا مسئلا حل ڪري ان کانپوءِ ملاح برادري جي هزارين ماڻهن سردار حاجي ايوب ملاح جي اڳواڻي ۾ شاهجهان پارڪ کان بس اسٽاپ تائين ريلي ڪڍي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button