مختصر خبرون

دادو: ڪافي اميدوار اليڪشن تان ھٿ کڻي ويا

قريشي، دادو
قومي عوامي تحريڪ جي ضلع دادو جي سڀني تڪن تي بيٺل اميدوارن اين اي 232 مسلم ليگ جي اميدوار ڪريم علي جتوئي ۽ پي ايس 74 جي اميدوار سيد ظفر شاه جي موجودگي ۾ پهنجن تڪن تان هٿ کڻي ڇڏيو قومي عوامي تحريڪ جي پي ايس 74 جي اميدوار عمره سمون، زينت سمون،پي ايس 75 جي غلام رسول لغاري ،پي ايس 76 جي اعظم خاصخيلي پي ايس 77 جي وڪيل نجيب مهيسر هٿ کڻي ويا. جڏهن ته پي ايس 74 جو آزاد اميدوار محمد موسا سميجو، وڪيل جبار راهوجو، ۽ ٻيا اميدوار مسلم ليگ ن جي اميدوارن جي حق ۾ هٿ کڻي ويا ان موقع تي پريس ڪانفرنس ڪندي اين اي 232 جي اميدوار ڪريم جتوئي پي ايس 74 جي اميدوار ظفر شاه چيو ته ڪيترائي اميدوار اسان جي حق ۾ هٿ کڻي ويا آهن اميدوارن کان علاوه عام ماڻهو به اسان جي پارٽي ۾ شامل ٿي رهيا آهن آچر ڏهاڙي وارو واقعو سياسي سازش آهي سنڌ جي حقن لا جدوجهد هميشه جاري رهندي. قتل ٿيل شاهنواز پنهور اسان جو ادنيٰ ڪارڪن هئو اليڪشن ڪميشن نوٽيس وٺي هي سياسي قتل آهي 10 جما عتي اتحاد ۾ شامل قومي عوامي تحريڪ جا اميدوار اسان جي حق ۾ هٿ کڻي ويا آهن

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button