مختصر خبرون

دادو: اعتراضن باوجود پير مظهر ۽ سمدس پٽ پير مجيب جو فارم بحال ڪري ڇڏيا، ظفر شاه

نويد قريشي، انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، دادو
مسلم ليگ ن پي ايس 74 جي اميدوار سيد ظفر شاه ،پير نجيب سيد فداشاه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته رٽرننگ آفيسر دادو اعتراضن باوجود پير مظهر ۽ سمدس پٽ پير مجيب جو فارم بحال ڪري ڇڏيا آهن جنهن تحت اسان اپيل جو حق محفوظ رکڻ باوجود اسان پهنجي پارٽي ۽ دوستن جي گڏيل راء کي سامھو رکندي پير مظهر ۽ سندس پٽ خلاف اپيل داخل نه ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي گذريل حڪومت 5 سالن دوران سنڌ مان جي وحدت،سالميت ۽ ٻيٽن سميت ڪراچي ۽ ٺٽي ضلع جي 80 لک ايڪڙ زمين وڪرو ڪري پهنجا پيٽ ڀريا آهن جنهن ۾ مک ڪردار پير مظهر جو آهي جنهن تي سنڌ جا ماڻهو ڏمريل آهن ۽ سنڌي ماڻهن جو موڊ ڏسي پير مظهر پويان پير ڪري پهنجي پٽ پير مجيب کي پي ايس 74 تي سامهون آندو آهي اسان کيس چئلنج ٿا ڪيون ته پير مظهر هن الييڪشن ۾ پاڻ اميدوار بيهي اسان جو مقابلو ڪري ڇو ته اسان کي پڪ آهي ته 11 مئي تي ٿيندڙ چونڊ دادو جو عوام پهنجي ووٽ جي طاقت سان هن جي ضمانت رد ڪندو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button