زراعت

خيرپور ضلعي۾ قائم 45 ڪڻڪ خريداري سينٽرن تي اڃان تائين باردانو فراھم نه ٿي سگھيو

هنڱورجا، خوارڪ کاتي جي نگران صوبائي وزير جي واضع حڪمن جي باوجود خيرپور ضلعي اندر خوراڪ کاتي پاران قائم 45 ڪڻڪ خريداري سينٽرن تي اڃان تائين بارداني جي فراهمي نه ٿي سگهي سينٽر بدستور غير فعال، آبادگار سستي اگهه تي ڪڻڪ واپارين کي ڏيڻ تي مجبور، واپاري ضلعي اندر آبادگارن کي ٻنهي هٿن سان ڦرڻ لڳا. ڪڻڪ خريداري سينٽرن تي باردانو نه پهچڻ ڪري سنٽرن تي مقرر عملو به غائب، ضلعي اندر ڪڻڪ خريداري جو مقرر حدف به پورو نه ٿيڻ جو خدشو، آبادگار تنظيمن پاران ڪڻڪ خريداري شروع نه ٿيڻ خلاف سخت احتجاجي تحريڪ هلائڻ جو اعلان.
پيرائتي رپورٽ موجب خوارڪ کاتي جي نگران صوبائي وزير جي واضع حڪمن باوجود خيرپور ضلعي جي 8 تعلقن جي 45 ڪڻڪ خريداري سينٽرن تي اڃا تائين بارداني جي فراهمي نه ٿي سگهي آهي ۽ نه ئي وري ڪڻڪ خريداري جو عمل شروع ٿي سگهيو آهي جنهن جي ڪري سينٽر بدستور غير فعال آهن. جنهن سبب آبادگار واپارين کي سستي اگهه تي ڪڻڪ ڏيڻ تي مجبور آهن ۽ واپاري آبادگارن کي ٻنهي هٿن سان لٽڻ لڳا. جڏهن ته ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه 1200 سئو روپيه مقرر هجڻ باوجود واپاري موقعي جو فائدو وٺندي 9 سئو کان 11 سئو في مڻ خريد ڪري رهيا آهن. ضلعي اندر ڪڻڪ خريداري شروع نه ٿيڻ ۽ ڪڻڪ واپارين پاران سستي اگهه تي وٺڻ سبب امڪان آهي ته خيرپور ضلعي اندر 15 لک ٻورين خريدڻ وارو حدف پورو نه ٿي سگهندو. هن ڏس ۾ خوراڪ کاتي جي عملدار ٻڌايو ته 10 اپريل کان اڳ ضلعي اندر ڪڻڪ خريداري شروع نه ٿي سگهندي. جڏهن ته 8 اپريل تي باردانو سينٽرن تي پهچڻ جا امڪان آهن. هوڏانهن مختلف آبادگار تنظيمن جي اڳواڻن عبدالعزيز ڀنڀرو، ڪامريڊ خدابخش سهتو ، ڪانڊيرو خان سهتو، حاجي چانگ، دين محمد چانگ ۽ ٻين چيو ته خوراڪ کاتي جا عملدار ڄاڻي واڻي ڪڻڪ خريداري ۾ دير ڪري آبادگارن کي نقصان ڏيڻ ۽ واپارين کي فائدو ڏيڻ لاءِ ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته ڪڻڪ خريداري شروع ڪري آبادگارن کي ڪروڙين روپين جي نقصان کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ خوراڪ کاتي جي ڪرپٽ عملدارن جي خلاف سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي. هنن صوبائي وزير اقبال پاڪ والا کي اپيل ڪئي ته خيرپور ضلعي اندر ڪڻڪ خريداري ۾ دير ڪرڻ جو نوٽيس وٺي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button