مختصر خبرون

خيرپور: اسٽرا بيري، ڪيلو، انب ۽ کارڪون جي فرانس جي مارڪيٽ ۾ برآمد ڪرڻ جي اهميت تي سيمينار منعقد ڪرايو ويندو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور
خيرپور: ٽريڊ ڊولپمينٽ آٿارٽي آف پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) سکر پاران علائقائي تازن ميوون جهڙوڪ اسٽرا بيري، ڪيلو، انب ۽ کارڪون جي فرانس جي مارڪيٽ ۾ برآمد ڪرڻ جي اهميت تي هڪ ڏينهن لاءِ درٻار هال ڊي سي آفيس خيرپور ۾ اپريل 10، 2013 اربع ڏينهن تي صبح جو ڏهين وڳي کان منجهند جو ٻي وڳي تائين هڪ ڏينهن لاءِ سيمينار منعقد ڪرايو پيو وڃي جنهن ۾ مهمانِ خاص ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ شرڪت ڪندو جڏهن ته سيمينار ۾ زرعي توسيع کاتي سکر جو ڊائريڪٽر رياض احمد دايو، آبادگار صدرالدين ڦلپوٽو، ڊپٽي ڊائريڪٽر زرعي توسيع کاتو خيرپور قمر الدين سولنگي، آل پاڪستان فروٽس اينڊ ويجيٽيبلس جو نمائندو اسلم پاکالي، سکر چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جو نمائندو اقبال آرائين، انجنيئر سُهيل عارف شاهه، اسٽيٽ بئنڪ جو نمائندو، ٽي ڊي اي پي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر صائمه اظهر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جعفر حُسين ۽ ٻيا خطاب ڪندا جڏهن ته سکر ڊويزن ۽ خاص طور تي خيرپور ضلعي سان لاڳاپيل مختلف آبادگار سيمينار ۾ حصو وٺندا.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button