اليڪشن 2013گمبٽ

حڪمران پنهنجي ليڊر جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ کان به قاصر رهيا، اسماعيل شاهه راشدي

محمد جمن، گمبٽ

حڪمران پنهنجي ليڊر جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ کان به قاصر رهيا،  اسماعيل شاهه راشدي
حڪمران پنهنجي ليڊر جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ کان به قاصر رهيا، اسماعيل شاهه راشدي
فنڪشنل مسلم ليگ جي پي ايس 34 جي اُميدوار پير سيد اسماعيل شاهه راشدي چيو آهي ته اڳوڻن حڪمرانن گذريل پنجن سالن ۾ عوام کي اونڌاهه ۾ رکيو ۽ عام ماڻهو پنهنجن چونڊيل نمائندن کي سڄي حڪومتي دور ۾ ڳولهيندا رهيا هن چيو ته گذريل حڪومت ۾ حُڪمرانن پنهنجي ليڊر جي قاتلن کي گرفتار ڪرڻ کان به قاصر رهيا جڏهن ته جنهن پارٽي کي قاتل ليگ سڏيو ويو ان لاءِ ڊپٽي پرائم منسٽر جو عهدو ٺاهيو ويو اقتدار ۾ رهندڙ پارٽي مصلحتن جي چڪر ۾ ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙڻ جي ڪوشش ڪئي. هن اهڙو اظهار گمبٽ تعلقي يونين ڪائونسل ٻيلهاڙو جي ڳوٺ الهڏتو ڀنڊ ۾ هڪ عام جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته عوام کي هن دفعي عام چونڊن ۾ اهڙن نمائندن جي چونڊڪرڻي پوندي جيڪي عوام سان گڏ رهندا ۽ سندن هر ڏک سُک ۾ شريڪ هوندا. هن چيو ته گذريل حڪمرانن پنهنجي دور ۾ ملڪ کي معاشي، توانائي ۽ آئيني بحران ۾ رکيو ۽ عوام جي معاشي بهتري لاءِ ڪابه ڪوشش نه ڪئي ۽ ڪرپشن ڪري پنهنجا پيٽ ڀريا. هن وڌيڪ چيوته گذريل حڪومت ۾ قابل نوجوانن کي نوڪرين ۾ نظرانداز ڪيو ويو ۽ پنهنجا نواز پاليسي ۾ پنهنجن کي نوازيو جڏهن ته ملڪ توڙي صوبي ۾ ايندڙ حڪومت پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي هوندي نوجوانن کي ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون وينديون ۽ ملڪ کي معاشي طور مستحڪم ڪيو ويندو ۽ عوام جي معاشي ۽ سماجي بهتري لاءِ وڌ م وڌ ڪوششون ورتيون وينديون. ان موقعي تي عام جلسي کي خطاب ڪندي اين اي 217 جي اُميدوار پير سيد ڪاظم علي شاهه چيو ته ملڪ کي گذريل حڪمرانن بُک ۽ بدحالي کانسواءِ عوام کي ڪجهه به نه ڏنو آهي جڏهن ته فنڪشنل مسلم ليگ پير سائين پاڳارو ۽ صدرالدين شاهه جي سربراهي ۾ ايندڙ عام چونڊن ۾ ڪامياب ٿي ملڪ توڙي صوبي ۾ بهتري آڻيد ۽ عوام خوشحال ٿيندو. ان موقعي تي عام جلسي ۾ فنڪشنل مسلم ليگ جي اڳواڻ وڏيرو محمد ڇُٽل ڀنڊ خطاب ڪندي چيو ته ڀنڊ برادري پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سان ماضي ۾ گڏ رهي آهي ۽ هميشه گڏ رهندي. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ عام چونڊم ۾ فنڪشنل ليگ ڪنگري ۽ گمبٽ تعلقن ۾ فنڪشنل مسلم ليگ مخالفن کي بُري طرح شڪست جو منهن ڏسڻو پوندو. ان موقعي تي عام جلسي ۾ اڳوڻو تعلقي ناظم گمبٽ سيد سرڪار حُسين شاهه، عبدالرشيد ميتلو، عبدالستار رند، ليبر ونگ جي گمبٽ تعلقي صدر محمد حسن ڀنڊ ۽ ٻين خطاب ڪيو. جڏهن ته عام جلسي ۾ لاشاري، ناريجا، ميتلا، رند، مهيسر، ڪانڌڙا، خاصخيلي، کيمٽيا ۽ ٻين برادرين جي نيڪ مردن فنڪشنل ليگ جي اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ جو يقين ڏياريو. جڏهن ته جلسي ۾ فنڪشنل ليگ خيرپور جي صدر سيد محرم علي شاهه، ضلعي بار ڪائونسل جو اڳوڻو صدر ايڊوڪيٽ شفقت علي مهيسر، نيڪ محمد مرکنڊ، سيد حسام الدين شاهه لڪياري، اعجاز ٻُگهيو، ضياءُ الدين ميتلو، سيد نظير حُسين شاهه، عبدالمجيد ناريجو، عبداللطيف ناريجو، ڊاڪٽر عبدالفتاح ميمڻ، سرفراز حُسين ڀنڊ، محمد اويس ڀنڊ، عبدالطيف ڀنڊ، محمد يونس ڀنڊ ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button