مختصر خبرون

حق سچ جي هن ڀيري فتح ٿيڻي آهي، محسن علي شاهه نقوي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
پي ايس 34 جي آزاد اميدوار علامه محسن علي شاهه نقوي هنڱورجا جي ڪانڊيرو خان سهتو، ڳوٺ خدابخش سهتو، ڳوٺ بنگل خان چانگ، سومرا محلا، ميمڻ محلا، ملاح محلا، هاشماڻي محلا ۽ ٻين محلن ۾ ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي هن چيو ته هن ڀيري تڪ جو غيرتمند عوام سياسي منافقن کي 11 مئي تي عبرتناڪ شڪست ڏيندو . هن چيو ته غريب ۽ مسڪين ماڻهن سان سدائين ڪوڙا وعدا ۽ ڪوڙا ڏٽا ڏئي مسڪين ماڻهن کي بيوقوف ماڻهن سان مهاڏو اٽڪايو آهي حق سچ جي هن ڀيري فتح ٿيڻي آهي 11 مئي تي تڪ جو عوام مسلم ليگ ۽ پي پي جي اميدوار کي بري شڪست ڏيندو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button