مختصر خبرون

جيئي سنڌ متحده محاذ تي پابندي خلاف احتجاجي مظاھرو

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه
باڊهه: جيئي سنڌ متحده محاذ (جسمم) ۽ جي ايس او (آزاد) تي هنيل پابندي خلاف باڊهه ۾ جسمم پاران شهر جي درگاهه شريف چوڪ کان حيدر چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي اڳواڻن اڪبر ڍڪڻ، غفور ساريو، اسلم گوپانگ ۽ ٻين چيو ته پاڪستان جي رياست دنيا ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسند طور سڃاڻپ رکي ٿي، ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي حملو هجي يا لنڊن بم ڌماڪا انهن جا پيرا پاڪستان ڏانهن ٿا وڃن، اڄ اها رياست سنڌ ۽ بلوچستان جي آزادي پسند جماعت کي دهشتگرد قرار ڏئي رهي آهي، هنن ان موقعي تي گڏيل قومن يورپي يونين ۽ سڌريل دنيا جي ضمير کان گهر ڪئي آهي ته پاڪستاني رياست جي اهڙي عمل جو نوٽيس ورتو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button