ٽنڊو محمد خان

جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن ضلعي ٽنڊو محمد خان جو نوان عھديدار چونڊيا ويا

انڊس نيوز، ٽنڊو محمد خان

جساف جو نوان چونڊيل اميدوار
جساف جو نوان چونڊيل اميدوار
جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف بشير قريشي) ضلعي ٽنڊو محمد خان جي سالياني اليڪشن جساف جي مرڪزي اليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين مومن سمون ميمبرن عظيم ڪلهوڙو ۽ نجيب پنهور جي نگراني ۾ ٽنڊو محمد خان جي ڊگري ڪاليج ۾ ٿي جنهن ۾ صدر جواد حسين سومرو، نائب صدر حسين ڀٽي، جنرل سيڪريٽري فهيم ڀٽي، جوائنٽ سيڪريٽري صوفي حامد سنڌي، ماليات سيڪريٽري اڪبر هاليپوٽو ۽ پريس سيڪريٽري اويس هنڱورو چونڊيا ويا، جڏهن ته مرڪزي باڊي جي اليڪشن لاءِ ساحل لاشاري، دولت هاليپوٽو، صوفي ساجد سميت08 ڪائونسلر چونڊيا ويا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button