مختصر خبرون

جوهي: مڇر دانيون ( مهارا) صحت کاتي پاران من پسند ماڻهن ۾ تقسيم

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، جوهي
جوهي شهر ۾ ڪيترن سالن کان مڇر مار ڦونهارو نه ٿيو ، مڇرن کان بچاء لاءِ مڇر دانيون ( مهارا) پڻ صحت کاتي پاران من پسند ماڻهن ۽ روشوت عيوض وڪرو غريب شهري پريشان ڪيترا ماڻهو مليرا ۽ خارش ۾ مبتلا ، خبر موجب جوهي ۽ ڀرپاسي ڪيترن ئي ورهين کان مڇر مار اسپري نه ٿيڻ ڪري مڇرن جو عذاب وڌي ويو آهي ٻئي طرف صحت کاتي وٽ هزارن جي تعداد ۾ آيل مڇر دانيون پن صحت جي عملي من پسند ماڻهن ۽ ڪميشن عيوض وڪرو ڪري ڇڏيون آهن مڇرن کان بچاءُ جون تدبيرون نه هجڻ ڪري رهواسي راتين جون راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آهن ڪتيرا ئي ننڍڙا ٻار توڙي وڏا ماڻهو مليريا ، خا رش ۽ ٻين چمڙي جي بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن شهرين مطالبو ڪندي چيو ته شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ اسپري ڪرائي مڇر دانيون ورهايون وڃن جيئن رهواسي مليريا ۽ ٻين بيمارين کان بچي سگهن

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button