جوھي

جوهي شهر ۾ وحشت جو نشانو بڻيل نينگر جي حالت نه سڌري

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ،جوهي
johi  boy  burned  by  his frendٻه ڏينهن اڳ جوهي شهر ۾ وحشت جو نشانو بڻيل نينگر جي حالت نه سڌري ،جوابدار ڌر قرآن کڻي ميڙ منٿ قافلو وٺي وارثن وٽ پهچي ويا وارثن پاران معاف ڪرڻ کان انڪار جوهي پوليس جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ، ٻارڙن جي حقن جي تنظيم پهچي معلومات ورتي خبر موجب ٻه ڏينهن اڳ جوهي شهر ۾ دوستي نه رکڻ تان وحشي شخص هٿان سڙي زخمي ٿيل نينگر غربت سبب اسپتال ۾ علاج ڪرائن بدران گهر ۾ بستري تي پيل آهي هوڏانهن اهڙي واقعي بعد جوابدار امين لغاري جا وارث ميڙ منٿ قافلو وٺي نينگر جي وارثن وٽ پهچي ويا جتي وارثن پاران جوابدار جي گرفتاري جو شرط رکندي ميڙ منٿ قافلي کي موٽائي ڇڏيو نينگر جي والد امام الدين ٻبر ۽ عبدالڪريم ٻٻر خصوصي انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ سان ڳالهائيندي چيو ته معصوم نينگر جي حياتي کي خطرو آهي ظالم وحشي شخص ظلم ڪيو آهي هنن چيو ته ٻه ڏينهن گذري وڃڻ با وجود پوليس فقط رپورٽ داخل ڪري ننڊ سمهي پئي آهي هن وقت تائين جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو اهي هنن چيو جوابدار ڌر پاران ميڙ منٿ توڙي با اثر شخصن طرفان فيصلو ڪرڻ لاءِ زور ڀريو پيو وڃي هنن چيف جسٽس آف پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته ساڻن انصاف ڪري جوابدار کي سزا ڏياري وڃي ٻئي طرف ٻارڙن جي حقن جي تنظيم سي آر سي چائلڊ رائٽ ڪميشن دادو جو ڪو آرڊينٽر نياز چانڊيو ثيم سميت نينگر وٽ پهچي سندس مدد جي خاطري ڪرائي آهي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button