مختصر خبرون

جوهي شهر تباهي جي ڪناري تي ، شهر پنهجي سونهن وڃائي ويٺو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ ،جوهي
جوهي شهر تباهي جي ڪناري تي ،جوهي شهر پنهجي سونهن وڃائي ويٺو محترمه بي نظير ڀٽو جي شها دت دوران 27 ڊسمبر 2007 ۾ سڙيل آفيسون ۽ رڪارڊ پڻ مڪمل نه ٿي سگهيو 5 ورهين دوران جوهي کي پيئڻ جو پاڻي ،زرعي پاڻي ملي نه سگهيو ٻوڏ دوران تباه ٿيل روڊ رستا مڪمل نه ٿيا جوهي واسي عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور رپورٽ مطابق جوهي شهر ۾ 5 ورهين دوران صفائي نه ٿيڻ ڪري شهر کنڊرات بڻجي ويو آهي شهر ۾ نصب ٿيل اسٽريٽ لائٽ پڻ 5 ورهين دوران هڪ رات به روشن نه ٿي سگهي آهي جنهن سبب شهر اونداهي ۾ ٻڏل رهيو آهي شهر ۾ واتر سپلا اسڪيم مڪمل طور تباه هجڻ ڪري شهري پئسن عيوض پاڻي خريدڻ تي مجبور آهن هوڏانهن 27 ڊسمبر 2007 م محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت بعد شر پسند عناصر هٿان سڙي ويل يو نين ڪائونسل جوهي آفيس ، آبپاشي افيس ، ايس ڊي او تعليم آفيس جوهي ۽ ٽيليفون آفيس سميت مختلف آفيسن جي مرمت نه ڪئي وئي آهي جنهن سبب 5 ورهين دوران آبپاشي آفيس کلي نه هڪ ڏينهن کلي نه سگهي آهي جڏهن ته يو سي آفيس جي عملي مجبوري سبب مسواڙ تي آفيس وٺي ڪم شروع ڪيو آهي جڏهن ته 2007 ۾ سڙي ويل رڪارد مڪمل نه ٿيڻ ڪري جوهي واسي ملڪيتون وڪرو ۽ خريد ڪرڻ مشڪل ٿي ويو آهي رڪارڊ نه هجڻ جي بهاني روينيو عملدارن روشوت جا اگهه به ٻيڙا ٽيڻا ڪري ڇڏيا آهن ، جوهي واسين اڳوڻي يوسي ناظم حاجي علي شير لغاري ، حاجي ڪمال لعاري ،گلمحمد لغاري حاجي اڪبر عبدالله کوسو ، سلطان کچي ،شهزاد شاه چيو ته جوهي شهر م 2007 کان پوء ڪو به ترقياتي ڪم نه ڪرايو ويو مگر جوهي شهر کي کنڊرات بڻايو ويو آهي هنن چيو ته پ،پ،پ سرڪار جوهي کي 5 سالن دوران ڪجهه ڏنو ته نه آهي مگر پوئتي ڌڪي ڇڏيو آهي جوهي شهر 5 سال اڳ ائين نه هو جيئن هن وقت آهي هنن نگران سرڪار کان مطالبو ڪندي چيو ته جوهي لاءِ 5 ورهين دوران آيل بجيٽ جي جاچ ڪرائي جوهي کي 5 سال اڳ واري حالت ۾ بحال ڪيو وڃي

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button