ھنڱورجا

جسقم چيئرمين جي بشير خان قريشي جي ورسي لاءِ پيادل قافلو ھنڱورجا پھتو

انڊس نيوز، هنڱورجا

ورسي ۾ شرڪت لاءِ پيادل قافلو ھنڱورجا مان گذرندي
ورسي ۾ شرڪت لاءِ پيادل قافلو ھنڱورجا مان گذرندي
جسقم جي شهيد چيئرمين بشير خان قريشي جي پهرين ورسي ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ پڊعيدن کان رتوديرو لاءِ نڪتل جسقم ڪارڪنن جو پيادل قافلو جسقم اڳواڻ غلام شبير مبيجو، انعام مري، عبدالحق پلهه، رستم شيخ، حنيف لاشاري، طفيل وسطڙو جي اڳواڻي ۾ هنڱورجا پهتو ته پيادل قافلي جي جسقم جي ضلعي اڳواڻ علي عثمان ميمڻ، ڪرم سامٽيو، مجيب ڀيلار، ميان بخش شاهاڻي جي اڳواڻي قافلي جي آجيان ڪندي گلن جي ورکا ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته شهيد بشير خان قريشي کي هڪ سازش تحت شهيد ڪيو ويو. بشير خان سائين جي ايم سيد جو سچو پيروڪار ۽ بهادر اڳواڻ هيو ان جي سنڌي قوم لاءِ ڏنل قرباني کي ڪڏهن به نٿو وساري سگهجي. پيادل مارچ ڪرڻ جو مقصد بشير خان قريشي کي عقيدت پيش ڪرڻ آهي. بشير خان جي قاتلن جي گرفتاري تائين اسان جو احتجاج جاري رهندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button