اليڪشن 2013مورو

جتوئي خاندان جي سنڌ کي سخت ضرورت آهي، عرفان عباسي

جاويد ڪانڌڙو، مورو

جتوئي خاندان جي سنڌ کي سخت ضرورت آهي، عرفان عباسي
جتوئي خاندان جي سنڌ کي سخت ضرورت آهي، عرفان عباسي
مهراڻ سٽيزن ڪلب، سگا مورو، سنڌ رويو ڊولپمينٽ سوسائٽي مورو، انڊس رولر ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن ۽ ٻين سماجي تنظيم جي مهراڻ سٽيزن ڪلب مورو ۾ اين پي پي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر عرفان عباسي سان گڏجاڻيون ،جتوئي خاندان سان ساٿ ڏيڻ جا وچن جتوئي خاندان ٻٽي نظام ختم ڪرڻ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو سنڌ کي جتوئي خاندان جي ضرورت آهي ـ عرفان عباسي
تفصيل موجب: اڄ مهراڻ سٽيزن ڪلب جي جنرل سيڪريٽري ناليوار اديب اين پي پي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر عرفان عباسي سان مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ملاقات ڪري چيو ته سنڌي قوم جنهن رستي تي بيٺي آهي اُتي جتوئي خاندان جي سنڌ کي سخت ضرورت آهي، مهراڻ سٽيزن ڪلب جي ٻين عهديدارن جن ۾ اسلم عباسي، فياض ٻرڙو، اسد سولنگي، عمران ميمڻ بولاڻي،جاويد مصطفى ڪانڌڙو، ايڊووڪيٽ عبدالغفار ميمڻ، توفيق احمد ملڪ ۽ ٻين ملاقات ڪندي چيو ته مهراڻ سٽيزن ڪلب جا سڀ عهديدار توڙي ميمبر جتوئي خاندان سان هميشه گڏ رهيا آهن ۽ رهندا، مهراڻ سٽيزن ڪلب جي ممبرن کي عرفان عباسي پنهنجي خطاب ۾ چيو ته مان مهراڻ سٽيزن ڪلب جي سڀني عهديدار ۽ ميمبرن جو ٿورائتو آهيان جن مسرور خان جتوئي ۽ ٻين جتوئي ڀائرن تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي اميد ته جتوئي خاندان پڻ سنڌ جي ڀلائي لاءِ هميشه وانگر اسيمبلي ۾ سنڌ ڪاز لاءِ وڙهندا رهندا، عرفان عباسي چيو ته مسرور خان جتوئي ۽ عارف مصطفى جتوئي جو اسيمبلي اندر رول سڀني کان ڳجهو نه آهي جتوئي خاندان هميشه سنڌ ماءُ لاءِ آواز اٿاريو آهي ۽ جيڪڏهن سنڌ ۾ پي پي ۽ ايم ڪيو ايم وري سازش ڪري ٻٽو نظام آڻيندا ته مسرور خان جتوئي ۽ ٻيا سخت مذاهمت ڪندا، ان موقعي تي سنڌ روويو ڊلپمينٽ سوسائٽي جي جنرل سيڪريٽري عامر جوکيو خطاب ڪندي چيو ته اسان سڀ سماجي تنظيمون جتوئي خاندان کي نه صرف ووٽ ڪنداسين پر ان لاءِ سر ڌڙ جي بازي پڻ لڳائينداسين ان موقعي تي انڊس رولر ڊولپمينٽ جي صدر ۽ اين اي 211 جي ن ليگ جو اميدوار غلام مرتضى آرائين ن ليگ جي سڀني اميدوارن جتوئي خاندان جي حمايت ۾ هٿ کڻڻ جو اعلان ڪيو ۽ ان موقعي تي نيشنل پيپلز پارٽي جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر عرفان عباسي ن ليگ جي سڀني اميدوار جو ٿورو مڃيو، ان موقعي تي سگا اڳواڻ حفيظ الرحمان شيخ چيو ته سگا مورو جا عهديدار جتوئي خاندان جي مڪمل حمايت ڪندا ۽ هن تڪ جي سڀ سماجي تنظيمون گڏجي جتوئي خاندان جي اليڪشن مهم هلائيندا، هن موقعي تي ن ليگ جا ٻيا اڳواڻ محمد اسمائيل ڪورائي، ملڪ وسيم احمد عواڻ، نادر علي ميمڻ ۽ نيڪ محمد موجود هئا

وڌيڪ ڏيکاريو

ھڪ تبصرو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button