پنوعاقل

بنا فرق جي انسانيت جي خدمت تي يقين رکان ٿو، اوم پرڪاش لنڊ

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، پنوعاقل
پنوعاقل جي دل درٻار ۾ هندن جو ميڙاڪو مکي دريانو مل ۽ ٻين هندو اڳواڻن پاران پي ايس 3 تي آزاد اميدوار اوم پرڪاش لنڊ جي حمايت جو اعلان ڪيو ،ان وقت هندو مسلم اتحاد جي اميدوار اوم پرڪاش ڳالهائيندي چيو ته هو بنا فرق جي انسانيت جي خدمت تي يقين رکي ٿو،هن چيو ته ڪيترن سالن کان پنوعاقل ۾ ڌاريا اميدوار ووٽ وٺي هليا ويندا آهن ۽ ڪروڙين روپيا ترقياتي ڪمن جا فنڊ توڙي سوين بيروزگار نوجوانن جون نوڪريون ڳڙڪائيندا آهن،ان ڪري مان پاڻ هتان جي عوام جي خدمت لاءِ آزاد اميدوار جي حيثيت سان چونڊ ۾ حصو ورتو آهي،هن وڌيڪ چيو ته آنءُ هندو ۽ مسلمانن جو گڏيل اميدوار آهنيان .مان هڪ انسان جي خدمت تي يقين رکان ٿو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button