باڊھ

باڊھ: 16 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ خلاف شھرين جو احتجاج

عبدالمجيد جهتيال، انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ،باڊهه

باڊھ: 16 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ خلاف شھرين جو احتجاج
باڊھ: 16 ڪلاڪن جي لوڊشيڊنگ خلاف شھرين جو احتجاج
سيپڪو پاران باڊهه کي ٻهراڙي جو درجو قرار ڏئي روزانو 16 ڪلاڪن تائين بجلي بند ڪرڻ عمل خلاف باڊهه ۾ سجاڳ شهرين پاران ڪامريڊ قادر بروهي، حسن ڪلهوڙو، اسحاق مشوري، منور نوناري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رهواسين شهر جي درگاهه چوڪ کان احتجاجي جلوس ڪڍي سموري شهر جو گشت ڪرڻ بعد حيدر چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جڏهن ته مڇريل ماڻهن پاران حيدر چوڪ تي ٽائر ساڙي هڪ ڪلاڪ تائين نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو ويو، ان دوران احتجاج ڪندڙن پاران باڊهه ۽ آس پاس ۾ روزانو 16 ڪلاڪ بجلي بند ڪرڻ واري عمل خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي احتجاجي اڳواڻن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته باڊهه شهر لاڙڪاڻي ضلعي جو سڀ کان وڏو ۽ ڏيڍ لک آبادي تي مشتمل آهي پر سيپڪو جي نااهل آفيسرن باڊهه شهر کي ٻهراڙي جو درجو قرار ڏئي روزانو مختلف وقتن تي 16 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ هتان جو ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو آهي جڏهن ته بجلي جي بند هجڻ ڪري سرڪاري اسپتالن ۾ پيل لکين رپين جون زندگي بچائيندڙ دوائون خراب ٿي رهيون آهن، جڏهن ته گرمي سبب ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻيل آهي، شهرين مطالبو ڪيو ته باڊهه شهر مان بنا دير ناجائز لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي ۽ نااهل سيپڪو انتظاميا خلاف قانوني قدم کنيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button