اليڪشن 2013باڊھ

باڊھ: ڪنڀر برادري جو ڪٺ، مشروط ووٽ ڏيڻ جو اعلان

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه

باڊھ: ڪنڀر برادري جو ڪٺ، مشروط ووٽ ڏيڻ جو اعلان
باڊھ: ڪنڀر برادري جو ڪٺ، مشروط ووٽ ڏيڻ جو اعلان
باڊهه ويجهو ڳوٺ ٻلهڙجي ۾ آل سنڌ ڪنڀر اتحاد پاران برادري جي ماڻهن جو ڪٺ ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ شاهنواز ڪنڀر، علي گوهر ڪنڀر، رجب ڪنڀر، نظر محمد ڪنڀر، علي اصغر ۽ ٻين چڱن مڙسن شرڪت ڪئي، ڪٺ کي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ڪنڀر اتحاد برادري جو ڪٺ وڏو ووٽ بئنڪ آهي ۽ هزارين ووٽ رکندڙ ڪنڀر برادري کي پ پ جي اڳواڻن مسئلا حل نه ڪيا، اسان پ پ جي اميدوارن جي گذريل ڪارڪردگي کان مايوس آهيون، تنهن ڪري 11 مئي تي عام چونڊن ۾ صوبائي توڙي قومي تڪن تي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ ڪنهن به اميدوار کي پنهنجي برادري جو قيمتي ووٽ هاڻي مشروط طور تي ڏيڻ جو اعلان ڪيون ٿا، ان موقعي تي هنن چيو ته جيڪو به اميدوار برادري جي بنيادي انساني حقن توڙي ٻين مسئلن جي حل لاءِ معاهدو لکت ۾ ڪندو ته پوءِ انهن اميدوارن کي ڏياريو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button