مختصر خبرون

باڊھ ٻڏي ويل ٻارڙن جا لاش ملي ويا

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه
شهر جي پٺاڻ محله جي رهواسين پورهيت منظور علي چنو ۽ رجب علي چنا جا معصوم ٻارڙا 6 سالن جو شاهنواز ۽ 5 سالن معراج چنو پاڙي جي ٻارڙن سان گڏجي باڊهه شهر وچان گذرندڙ رائيس ڪئنال ۾ وهنجڻ لاءِ ويا جيڪي وهنجندي گهري پاڻي ۾ هليا ويا ۽ ٻڏي فوت ٿي ويا، اطلاع ملڻ تي پاڙي جي ڪيترن ئي رهواسين ٻنهي ٻاڙرن جا لاش پاڻي مان ڪڍي گهر آندا ته ڪهرام مچي ويو، معصوم ٻارڙن جون وارث عورتون لاشن کي چنبڙي ويون، ٻڌايو پيو وڃي ته ٻڏي فوت ٿيل نينگر پاڻ ۾ پڦاٽ ۽ ماروٽ هئا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button