اليڪشن 2013باڊھ

باڊھ: نااهل اميدوارن کان ٽڪيٽون واپس ورتيون وڃن، شھرين جو مظاھرو

عبدالمجيد جهتيال، انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، باڊھ

شھري احتجاج ڪندي ۽ جعلي آرڊر ڏيکاريندي، فوٽو: الهيار چانڊيو
شھري احتجاج ڪندي ۽ جعلي آرڊر ڏيکاريندي، فوٽو: الهيار چانڊيو
پي ايس 41 ۽ اين اي 205 تي پ پ جي اميدوارن عزيز جتوئي ۽ نظير ٻگهيو خلاف شهرين پاران سڪندر پنهور، عبدالرحمان نوناري ۽ مقصود پنهور جي اڳواڻي ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي حيدر چوڪ وٽ روڊ بلاڪ ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو، احتجاج دوران شهرين پاران ٻنهي اميدوارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن خطاب ڪندي چيو ته پي ايس 41 ۽ اين اي 205 تي پ پ جي اميدوارن عزيز جتوئي ۽ نظير ٻگهيو گذريل 5 سالن دوران تڪ واسين جي سار نه لڌي آهي، جڏهن ته سنڌ دشمن رٿائن خلاف هنن ڪڏهن به ايوانن اندر آواز نه اٿاريو آهي، ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن نوڪرين جا مبينا جعلي آرڊر ڏيکاريندي چيو ته اڳوڻي ايم اين اي نظير ٻگهيو جي ڀاءُ حزب الله ٻگهيو باڊهه جي بيروزگار نوجوانن سڪندر علي پنهور، رفيق پنهور ۽ ساجد پنهور کان زراعت کاتي ۾ ڪلرڪ جي نوڪري ڏيارڻ لاءِ 3 لک رپيا وصول ڪري ٽنهي بيروزگار نوجوانن کي جعلي آرڊر ڏنا، هن وقت تائين جوائنگ نه ٿي سگهي آهي، هنن چيو ته اڳوڻو ايم پي اي ۽ اڳوڻو ايم اين اي نااهل ۽ ڪرپٽ آهن، کين باڊهه جو عوام ڪڏهن به ووٽ نه ڪندو، هنن پ پ قيادت کان مطالبو ڪيو ته نااهل اميدوارن کان ٽڪيٽون واپس ورتيون وڃن ۽ نوڪرين جي جعلي آرڊرن عيوض باڊهه جي بيروزگار نوجوانن کان ورتل رقم واپس ڪرائي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button