اليڪشن 2013باڊھ

باڊھ: سنڌ جو عوام چونڊن ۾ ڪوڙا نعرا هڻندڙن کي ووٽ هر گز نه ڪندو، بروھي ڀائر

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه
NOOR AHMED BROHI (259x300)پي ايس 41 ۽ اين اي 205 تي آزاد اميدوار ڀائرن نور احمد بروهي ۽ سڪندر علي بروهي سيهڙ، يارو لاکير، ويهڙ، سامٽيا، وڳڻ، لالو رائنڪ، نصيرآباد، باڊهه، وڏي وهڻي، ننڍي وهڻي، نئون ڳوٺ، ٻاٻوري، بٺ شاخ، سائين داد جوڻيجو، ۽ ٻين ڳوٺن جو دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ته پ پ پنهنجي 5 سالن جي حڪومت ۾ سنڌ کي تباهه ڪيو، بدامني چوٽ چڙهيل هئي ۽ عوام کي بک ۽ بدحالي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڏنو آهي هنن چيو ته پ پ جي حڪمرانن عوام کان ووٽ وٺي عوام سان ئي ويساهه گهاتي ڪئي، سنڌ جو ٻهرڙايون ڌاڙيلن وٽ يرغمال هنيون ته سنڌ وري شهر دهشتگردن وٽ يرغمال بڻيل هئا، هن چيو ته پ پ وارن سنڌ ۾ ٻٽو نظام آڻي سنڌ جي عوام وحدانيت کي تقسيم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هن چيو ته هاڻي سنڌ جو عوام جاڳي پيو آهي اهو هاڻي چونڊن ۾ ڪوڙا نعرا هڻندڙن کي ووٽ هر گز نه ڪندو، هن چيو ته عوام اسان کي ووٽ ڏئي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪندو. ان موقعي تي زيب علي ساريو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button