باڊھ

باڊهه: لوڊشيڊنگ کٽائڻ بجاءِ احتجاج ڪندڙن خلاف ايف آءِ آر

عبدالمجيد جهتيال،باڊهه
باڊهه: سيپڪو سب ڊويزن نصيرآباد جي انتظاميا پاران باڊهه ۾ سيپڪو انتظاميا جي مسلسل ڏاڍاين جي خلاف احتجاج ڪرڻ تي سيپڪو انتظاميا باڊهه ٿاڻي تي قومپرست پارٽين جي پنجن مقامي اڳواڻن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي، ان سلسلي ۾ سيپڪو سب ڊويزن نصيرآباد جي باڊهه فيڊر جي انچارج لائين سپرٽينٽنڊ (ايل ايس) فيصل شيخ جي فرياد تي 5 قومپرست اڳواڻن جسقم (بشير قريشي) باڊهه جي صدر حسن ڪلهوڙو، جسقم (آريسر) باڊهه جي صدر اسحاق مشوري، ڪارڪن ساجد جوڻيجو، جيئي سنڌ تحريڪ باڊهه جي صدر آصف علي عباسي ۽ جسمم لاڙڪاڻي جي اڳواڻ احمد علي ڪانڌڙي جي خلاف باڊهه ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي، جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته مان پنهنجي ٻين ملازمن سان گڏجي سائيڊ تي لائين چيڪ ڪرڻ لاءِ ويم ته ان دوران انهن ماڻهن اسان سان منهن ماري ڪئي ۽ موتمار ڌمڪيون ڏنيون پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان پوءِ ڪابه گرفتاري نه ڪئي هئي ٻئي طرف سيپڪو انتظاميا پاران ڪيس ۾ نامزد ڪيل قومپرست پارٽين جي انهن اڳواڻن رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته سيپڪو انتظاميا سب ڊويزن نصيرآباد جو ايس ڊي اي او الطاف ڪهيري ڪرپٽ آفيسر آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button