آرٽيڪل

باڊهه شهر کي تعلقي جو درجو ڪڏهن ملندو؟؟؟

خادم حسين سومرو باڊهه

خادم حسين سومرو
خادم حسين سومرو
2 لک کان وڌيڪ آبادي رکندڙ باڊهه شهر کي هن وقت تائين تعلقي جو درجو ناهي ملي سگهيو، بادهه شهر جيڪو لاڙڪاڻي ضلعي جي دل سڏيو ويندو آهي پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هن شهر کي هٿ وٺي برباد ڪيو ويو آهي، باڊهه شهر جيڪو انگريزن جو دور کان وڌيڪ پراڻو آهي، پر هن شهر کي سياسي بنيادن تي شهر کي تباهه ڪيو ويو آهي، ساڍا 4 سال اڳ سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڏوڪري شهر ۾ عام جلسي ۾ باڊهه شهر کي تعلقي ڏيڻ جو اعلان ڪيو پر هن وقت تائين عمل نه ٿي سگهيو آهي، باڊهه شهر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو چونڊ تڪ رهيو آهي پر هن وقت هن شهر ۾ هڪ رپئي جو به ترقياتي ڪم نه ٿي سگهيو آهي، باڊهه شهر کي جڏهن تعلقي جو درجو ڏنو ويو ته باڊهه جي شهرين خوشيءَ ۾ جهمريون هنيون ۽ ڏاڍا خوش ٿيا پر اڄ ساڍا چار سال مڪمل ٿي چڪا آهن پر هن شهر کي تعلقي جو درجو ناهي ملي سگهيو، اها ڪنهن جي نااهلي آهي اسان شهرين جي يا حڪمران ڌر جي؟؟ اليڪشن جي ٽائيم ۾ ته سڀ ايم اين، ايم پي اي، ورڪر، عهديدار ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جا وچن ڪندا آهن پر جڏهن اقتدار ۾ ايندا آهن تي اهي هن شهر کي وساري ڇڏيندا آهن ۽ اهو سوچيندا آهن ته هن شهر ۾ وڃڻو ئي ناهي، ايم اين اي ۽ ايم پي اي به تڏهن چونڊبا جڏهن هتان انهن کي ووٽ ملندو؟ هونئن ته الائي ڪيترائي احتجاج ٿين ٿا پر باڊهه شهر جي تعلقي جي لاءِ ڪا به ڌر سنجيده نظر نه ٿي اچي، گذريل ساڍن چئن سالن ۾ اسان پ پ جو ڪو به چونڊيل نمائندو ناهي ڏٺو، ق ليگ جي دور ۾ اهي ئي ايم اين اي، ايم پي اي ۽ ٻيون تنظيمون باڊهه شهر جي تعلقي جي لاءِ جدوجهد شروع ڪئي هئي پر هن وقت اهي ڌريون خاموش ڇو آهن؟؟ ڇا پ پ کي هتان ووٽ ناهي ملندو؟ ڇا هتان جا ماڻهو تعلقي جي لائق ناهن. صدر آصف علي زرداري، سيد قائم علي شاهه ۽ ٻين وزيرن توڙي تڪ جي ايم اين اي ۽ ايم پي اي کي اهو سوچڻ گهرجي ته اسان کي وري به باڊهه شهر ڏانهن وڃڻو آهي، اسان مطالبو ٿا ڪريون ته هن شهر کي تعلقي جو درجو ڏئي شهرين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button