باڊھ

باڊهه شهر مان بنا دير ناجائز لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي، شهري

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه

باڊهه شهر مان بنا دير ناجائز لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي، شهري
باڊهه شهر مان بنا دير ناجائز لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي، شهري
سيپڪو پاران باڊهه کي ٻهراڙي جو درجو قرار ڏئي روزانو 16 ڪلاڪن تائين بجلي بند ڪرڻ عمل خلاف باڊهه ۾ مختلف تنظيمن ۽ شهرين پاران محمد علي خشڪ ، ڪامريڊ قادر بروهي،حسن ڪلهوڙو، اسحاق مشوري، آصف عباسي، ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ رهواسين شهر جي درگاهه چوڪ کان احتجاجي جلوس ڪڍي سموري شهر جو گشت ڪرڻ بعد حيدر چوڪ وٽ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جڏهن ته مڇريل ماڻهن پاران حيدر چوڪ تي ٽائر ساڙي هڪ ڪلاڪ تائين نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو ويو، ان دوران احتجاج ڪندڙن پاران باڊهه ۽ آس پاس ۾ روزانو 16 ڪلاڪ بجلي بند ڪرڻ واري عمل خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي احتجاجي اڳواڻن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته باڊهه شهر لاڙڪاڻي ضلعي جو سڀ کان وڏو ۽ ڏيڍ لک آبادي تي مشتمل آهي پر سيپڪو جي نااهل آفيسرن باڊهه شهر کي ٻهراڙي جو درجو قرار ڏئي روزانو مختلف وقتن تي 16 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ هتان جو ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو آهي جڏهن ته گرمي سبب ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻيل آهي، شهرين مطالبو ڪيو ته باڊهه شهر مان بنا دير ناجائز لوڊشيڊنگ ختم ڪئي وڃي ۽ نااهل سيپڪو انتظاميا خلاف قانوني قدم کنيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button