باڊھتعليم ۽ نئين ٽھي

باڊهه:بند پيل پرائمري اسڪول کولرائڻ لاءِ ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه

بند پيل پرائمري اسڪول کولرائڻ لاءِ ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو
بند پيل پرائمري اسڪول کولرائڻ لاءِ ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو
باڊهه: باڊهه ڀرسان ڳوٺ ٻنڍي ۾ بند پيل پرائمري اسڪول کولرائڻ لاءِ ڳوٺاڻن باڊهه شهر پهچي ٽائون هال اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن دوست محمد، اصغر ساريو، امتياز علي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ جو پرائمري اسڪول گذريل ڪيتري ئي عرصي کان وٺي بند پيل آهي، جنهن جي تعليم کاتي جي اختيارين کي شڪايت به ڏني آهي پر پوءِ به بند پيل پرائمري اسڪول نه ٿو کوليو وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ جا ٻارڙا تعليم کان محروم بڻيل آهن ۽ سندن مستقبل تباهه ٿي رهيو آهي، هنن واسطيدار اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته سندن ڳوٺ جو بند پيل اسڪول کولي ٻارڙن جو مستقبل تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button