زراعت

بارداني جي حوالي سان آباگارن جي شڪايت کي ختم ڪيو وڃي، ڊاڪٽر نياز عباسي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر
ڪمشنر سکر ڊويزن ڊاڪٽر نياز عباسي چيو آهي ته خوراڪ کاتو عوام کي رليف پهچائڻ لاءِ ڪڻڪ ۽ بارداڻي جي فراهمي کي صاف ۽ شفاف ڪن ته جيئن ننڍن کاتيدارن کي فائدو ملي ۽ بارداڻي جي بي قاعدگي جي درستگي جي عمل کي يقيني بڻائن ڪڻڪ جي خريداري ۽ بارداڻي جي تقسيم کي صاف شفاف بڻائن اها اسان سڀني جي ذميداري آهي سمورا فوڊ ڪنٽرولر واسطيدار ڪميٽي ۽ ڊپٽي ڪمشنر ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر جي مشاورت ۽ منظوري کان بعد آبادگارن کي ايراضي جي تناسب سان بارداڻي جي تقسيم ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪڻڪ جي خريداري جي حوالي سان پنهنجي دفتر ۾ خوراڪ کاتي سکر ڊويزن جي آفيسرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪمشنر ڊاڪٽر نياز عباسي وڌيڪ چيو ته خريداري سينٽرز تي بارداڻي جي موجودگي جي لاءِ سمورا قدم کنيا وڃن ۽ آباگارن جي شڪايت کي ختم ڪن ۽ حقوق العباد کي مد نظر رکندي غريب ۽ ننڍن هارين کي رليف فراهم ڪن ۽ سمورا آفيسر سچائي ۽ ايمانداري ۽ خدمت خلق جي جذبي سان ڪم ڪن.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button