اليڪشن 2013گمبٽ

اڳوڻي حڪمرانن ڪرپشن ڪري پنهنجا پيٽ ڀريا، سيد اسماعيل شاهه راشدي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، گمبٽ
پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي پي ايس 34 جي اُميدوار پير سيد اسماعيل شاهه راشدي چيو آهي ته اڳوڻن حڪمرانن گذريل پنجن سالن ۾عوام کي اونڌاهه ۾ رکيو ۽ جڏهن ته عام ماڻهو پنهنجن چونڊيل نمائندن کي سڄي حڪومتي دور ۾ ڳولهيندا رهيا. هن اهڙو اظهار گمبٽ تعلقي يونين ڪائونسل ٻيلهاڙو جي ڳوٺ الهڏتو ڀنڊ ۾ هڪ عام جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته عوام کي هن دفعي عام چونڊن ۾ اهڙن نمائندن جي چونڊڪرڻي پوندي جيڪي عوام سان گڏ رهندا ۽ سندن هر ڏک سُک ۾ شريڪ هوندا. هن چيو ته گذريل حڪمرانن پنهنجي دور ۾ ملڪ کي معاشي، توانائي ۽ آئيني بحران ۾ رکيو ۽ عوام جي معاشي بهتري لاءِ ڪابه ڪوشش نه ڪئي ۽ ڪرپشن ڪري پنهنجا پيٽ ڀريا. هن وڌيڪ چيوته گذريل حڪومت ۾ قابل نوجوانن کي نوڪرين ۾ نظرانداز ڪيو ويو ۽ پنهنجا نواز پاليسي ۾ پنهنجن کي نوازيو جڏهن ته ملڪ توڙي صوبي ۾ ايندڙ حڪومت پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي هوندي نوجوانن کي ميرٽ تي نوڪريون ڏنيون وينديون ۽ ملڪ کي معاشي طور مستحڪم ڪيو ويندو ۽ عوام جي معاشي ۽ سماجي بهتري لاءِ وڌ م وڌ ڪوششون ورتيون وينديون. ان موقعي تي عام جلسي کي خطاب ڪندي اين اي 217 جي اُميدوار پير سيد ڪاظم علي شاهه چيو ته ملڪ کي گذريل حڪمرانن بُک ۽ بدحالي کانسواءِ عوام کي ڪجهه به نه ڏنو آهي جڏهن ته فنڪشنل مسلم ليگ پير سائين پاڳارو ۽ صدرالدين شاهه جي سربراهي ۾ ايندڙ عام چونڊن ۾ ڪامياب ٿي ملڪ توڙي صوبي ۾ بهتري آڻيد ۽ عوام خوشحال ٿيندو. ان موقعي تي عام جلسي ۾ فنڪشنل مسلم ليگ جي اڳواڻ وڏيرو محمد ڇُٽل ڀنڊ خطاب ڪندي چيو ته ڀنڊ برادري پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سان ماضي ۾ گڏ رهي آهي ۽ هميشه گڏ رهندي. هن وڌيڪ چيو ته ايندڙ عام چونڊم ۾ فنڪشنل ليگ ڪنگري ۽ گمبٽ تعلقن ۾ فنڪشنل مسلم ليگ مخالفن کي بُري طرح شڪست جو منهن ڏسڻو پوندو. ان موقعي تي عام جلسي ۾ اڳوڻو تعلقي ناظم گمبٽ سيد سرڪار حُسين شاهه، عبدالرشيد ميتلو، عبدالستار رند، ليبر ونگ جي گمبٽ تعلقي صدر محمد حسن ڀنڊ ۽ ٻين خطاب ڪيو. جڏهن ته عام جلسي ۾ لاشاري، ناريجا، ميتلا، رند، مهيسر، ڪانڌڙا، خاصخيلي، کيمٽيا ۽ ٻين برادرين جي نيڪ مردن فنڪشنل ليگ جي اميدوارن کي ووٽ ڏيڻ جو يقين ڏياريو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button