اليڪشن 2013باڊھ

اڳوڻو سينيٽر ۽ اين اي 205 تي آزاد اميدوار ڊاڪٽر صفدر عباسي باڊهه ۾ اليڪشن مھم لاءِ پھتو

عبدالمجيد جهتيال، انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، باڊهه

اڳوڻو سينيٽر ۽ اين اي 205 تي آزاد اميدوار ڊاڪٽر صفدر عباسي باڊهه ۾ اليڪشن مھم لاءِ پھتو
اڳوڻو سينيٽر ۽ اين اي 205 تي آزاد اميدوار ڊاڪٽر صفدر عباسي باڊهه ۾ اليڪشن مھم لاءِ پھتو
پ پ جي اڳوڻي سينيٽر ۽ اين اي 205 تي آزاد اميدوار ڊاڪٽر صفدر عباسي باڊهه ۾ زهري هائوس تي پهچي پي ايس 35، پي ايس 41 تي ۽ اين اي 205 تي چونڊ وڙهندڙ ٻن نوجوان ڀائرن نور احمد بروهي ۽ سڪندر علي بروهي سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي بروهي برادري ۽ عباسي برادري سميت مختلف برادرين جا چڱا مڙس پڻ موجود هئا، ڊاڪٽر صفدر عباسي بروهي اميدوار ڀائرن سان سيٽ ايڊجسٽمينٽ تي ڳالهيون ڪيون، جنهن ۾ صفدر عباسي اين اي 205 تي پنهنجي لاءِ حمايت ڪرڻ جي گهر ڪئي، جڏهن ته ڊاڪٽر صفدر عباسي پي ايس 41 تي بروهي برادران جي ڀرپور مدد ڪرڻ جي آڇ ڪئي، ٻنهي ڌرين پاران ان موقعي تي پنهنجون پنهنجون ترجيحات ۽ خدشا پيش ڪيا ويا، جڏهن ته ان حوالي سان حتمي فيصلو ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ڪيو ويندو، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نور احمد بروهي چيو ته اليڪشن ۾ ڀرپور حصو وٺنداسين ۽ عوام جي حمايت سان مفاد پرست ٽولي کي عبرتناڪ شڪست ڏئي يقيني ڪاميابي ماڻينداسين، هوڏانهن ڊاڪٽر صفدر عباسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ پ پ ۾ قيادت جو وڏو خال پيدا ٿي پيو آهي، جيڪو اڃا تائين ڀرجي ناهي سگهيو، هن چيو ته پ پ جي 5 سالا دور حڪومت جي غلط پاليسين سبب پارٽي هن وقت انتشار جو شڪار آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پ پ جو ووٽ بئنڪ پڻ ورهائجي ويو آهي، هن چيو ته شفقت انڙ سان ذاتي خانداني لاڳاپا آهن ان بنياد تي هن اين اي 205 واري قومي تڪ تي منهنجي حق ۾ هٿ کنيو آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button