مختصر خبرون

اين اين 217 تي فنڪشنل ليگ ۽ پي پي جي اميدوارن پنهجيون سرگرميون تيز ڪري ڇڏيون

انڊس نيوز ڊاٽ، هنڱورجا
اين اين 217 تي فنڪشنل ليگ ۽ پي پي جي اميدوارن پنهجيون سرگرميون تيز ڪندي شهرين جا ووٽ حاصل ڪرڻ لاءِ پيري پنڌ ورڪ شروع ڪري ڏني ڪيترين ئي برادرين فنڪشنل ليگ جي اميدوار جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هن ڏس ۾ فنڪشنل ليگ جي اين اي 217 جي اميدوار پير سيد ڪاظم علي شاهه لڪياري پنهنجي پارٽي ورڪرن سان گڏ هنڱورجا شهر جي بازار ۽ محلن ۾ پيري پنڌ شهرين وٽ پهچي کين کي 11 مئي تي گل جي نشان تي ٺپو هڻڻ جي اپيل ڪئي ۽ چيو ته آزمايلن کي ٻيهر عوام غلطي ڪري ووٽ نه ڏيندو. ڇو ته پي پي وارن پنج سالن ۾ عوام کي بک بدحالي بيروز گاري ۽ بدامني کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو آهي ان جو حساب ڪتاب 11 مئي تي عوام کين کان ضرور وٺندو. هن چيو ته پير پاڳارو متحد سنڌ متحد پاڪستان جو نعرو هڻي ميدان ۾ لٿو آهي چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪري مسلم ليگ فنڪشنل ملڪ ۾ سائو انقلاب آڻيندي ۽ مخالفن کي 11 مئي تي ڀڄڻ جا دڳ به هٿ نه ايندا. هوڏانهن پي پي جي نامزد اميدوار جاويد شاهه جيلاني مختلف هنڌن تي ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي چيو ته پي پي کي چونڊن ۾ هارائڻ ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي ڇو ته ملڪ جو غريب عوام اڄ به پي پي سان گڏ آهي.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button