زراعت

ايس ڊي او اريگيشن ڪنڊيارو خلاف ڳوٺاڻن جو مظاھرو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا

ايس ڊي او اريگيشن ڪنڊيارو پاران نولکي واهه مان نڪرندڙ واٽر ڪورس کي بند ڪرڻ ۽ اريگيشن جي ريسٽ هائوس جو لوهه ۽ ڪاٺ وڪرو ڪرڻ خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو ايس ڊي او خلاف پٽيشن داخل ڪرائڻ جو اعلان

تفصيل موجب ڳوٺ جلباڻي جي رهواسين جو ايس ڊي او اريگيشن ڪنڊيارو پاران نولکي واهه مان نڪرندڙ واٽر ڪورس کي بند ڪرڻ ۽ اريگيشن جي ريسٽ هائوس جو لوهه ۽ ڪاٺ وڪرو ڪرڻ خلاف مرتضي جلباڻي، غلام رسول جلباڻي ، فقير محمد ٻوهيو، غلام مصطفي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري سخت ناريبازي ڪئي ڳوٺاڻن الزام لڳايو ته ايس ڊي او اريگيشن ڪنڊيارو پنهنجي عملي سان ملي ڀڳت ڪري اسان جي ڳوٺ ڀرسان 1927 کان قائم اريگيشن جي ريسٽ هائوس جي ڇت وارو لوهه ۽ اتي بيٺل پنجاهه کان وڌيڪ ٽالهين جا وڻ ڪٽرائي وڪرو ڪري ڇڏيا آهن جڏهن ته اريگيشن جي 6 ايڪڙ زمين کي آباد ڪندڙ واٽر ڪورس کي به بند ڪري ڇڏيو آهي ۽ زمين ۾ پوکجندڙ فصل جي اپت پڻ اريگيشن عملدار ملي ڀڳت ڪري هڙپ ڪري وڃن ٿا جنهن سان قومي خزاني کي پڻ نقصان رسي ٿو ۽ داهڻ تي اسان کي پڻ ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون جيڪا وڏي ناانصافي آهي اهڙي ناانصافي جي خلاف اعلي اختيارين کي دانهيو آهي پر اسان جي دانهن ڪير به ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي. هنن چيو ته اريگيشن عملي خلاف ڪاروائي نه ڪئي وئي ته سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي ۽ عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ويندي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button