مختصر خبرون

انصاف ڏياريو وڃي، پيرسن عورت جي صحافين کي دانھن

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، بيورو رپورٽ، سکر
تعلقه لکي غلام شاهه جي علائقي جهلي ڪلواڙي جي رهواسيڻ بيوه عورت مسمات خاتون زال پيارو خان ابڙو چيو آهي ته مخالفن مظهر ابڙو، بخشڻ ابڙو، رحيم بخش، الله لوڪ ابڙو ۽ ٻين جي چوڻ تي ٿاڻي شريف خروس جي پوليس پاران منهنجي 2 پٽن محمد اشرف ۽ علي اصغر ابڙو کي ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪري تشدد جو نشانو بڻائڻ شروع ڪري ڏنو آهي، هڪ ڏينهن اڳ پريس ڪلب پهچي ڪري پاڻ سان ٿيڻ وارين نا انصافين ۽ ظلمن جي خلاف صحافين کي دانهن ڏني ۽ اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي هئي ته مون کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، جنهن کان پوءِ نالي وارن جوابدارن مون کي ۽ منهنجي ٻين گهر ڀاتين کي سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن، احتجاج ڪري پنهنجو حق ۽ انصاف گهرڻ تي جان کان مارڻ جو ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، هن صحافين کي ٻڌايو ته منهنجو پٽ اصغر علي ڳوٺ اچي رهيو هو ته رستي ۾ اڪبر، مظهر ابڙو مارڪٽ ۽ تشدد ڪري زخمي ڪري ڇڏيو، ۽ پاڻ هي ڪوڙا الزام هڻي پوليس ۾ پنهنجي مرضيءَ تي رپورٽ داخل ڪرائي ان کي رشوت جي عيوض گرفتار ڪرائي ڪيس داخل ڪيو، ۽ هاڻي نه ڪيل گناهه کي قرار ڏيڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهي رهيا آهن، ۽ قبول نه ڪرڻ تي پوليس جي ذريعي تشدد ڪيو پيو وڃي ، جنهن جي غيرجانبدارانه تحقيقات ڪرائي مون پيرسن عورت کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، بيوه عورت ڪوڙن ڪيسن جي تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ نيوپنڊ جي علائقي سکر ۾ هڪ 12 سالن جي سيما ڌيءَ غلام شبير ابڙو جي ڌيءَ جي وفات طبيعت جي خراب ٿيڻ تي ٿيو، جنهن جي قتل جو ڪوڙو ڪيس لڳائي ڪري منهنجي پٽن کي بي بنياد ڪيس داخل ڪرائي، مخالف بخشڻ ابڙو، مشتاق ابڙو، مظهر ابڙو، رحيم بخش ابڙو، الله لوڪ ابڙو ۽ ٻيا بااثر آهن، ۽ منهنجي پٽن کي ڪوڙن ڪيسن م ڦاسائڻ چاهين ٿا، پوليس سان ملي ڪري منهنجي پٽن کي رشوت عيوض گرفتار ڪرايو ويو، پوليس اسان جو موقف ٻڌڻ بغير ئي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري، پٽن کي گرفتار ڪري بي پناهه تشدد جو نشانو بڻايو، ۽ نه ڪيل گناهه جو اعتراف ڪرائڻ جي لاءِ مار ڏني وئي، جڏهن ته منهنجي ٻين گهروارن ان واقعي جي خلاف آواز اٿارڻ تي جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، بيوه خاتون مسمات خاتون چيف جسٽس آف پاڪستان، چيف جسٽس آف سنڌ هاءِ ڪورٽ، گورنر سنڌ، نگران وڏي وزير، آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي، ايس ايس پي شڪارپور کي اپيل ڪئي آهي ته واقعي جي غيرجانبدارانه تحقيقات ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ منهنجي پٽن کي آزاد ڪرايو وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button