آرٽيڪل

اليڪشن 2013 جون سرگرميون ۽ عوام جو بدليل موڊ

عزيز بروهي

اليڪشن 2013 جون سرگرميون ۽ عوام جو بدليل موڊ
اليڪشن 2013 جون سرگرميون ۽ عوام جو بدليل موڊ
پوري ملڪ جيان اليڪشن مئي 2013 جون سرگرميون لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهداد ڪوٽ جي 3 تعلقن ڏوڪري، باقراڻي ۽ نصيرآباد تي مشتمل اين اي 205 ۽ پي ايس 41 تي به زور شور سان جاري آهن، هن ڀيري اليڪشن ۾ پراڻن کيڏارين سان گڏ ڪجهه نوان چهرا پنهنجي قسمت آزمائي رهيا آهن يا وري ائين کڻي چئجي ته تڪ جي ووٽرن جي قسمت سان کيڏڻ لاءِ سندرا ٻڌي ميدان تي لٿل آهن، هن ڀيري هنن چونڊ تڪ تان معظم عباسي، الهه بخش انڙ، فيض محمد کوکر، نظير ٻگهيو، عزيز جتوئي، محب ڦلپوٽو، امداد چولياڻي، سڪندر زهري، نور احمد زهري، ڊاڪٽر مولا بخش جوڻيجو پورهيت اڳواڻ ڪامريڊ قادر بروهي، ارشاد ساريو، قادر بخش بروهي، مهتاب اڪبر راشدي، شبانه پٺاڻ، شفقت انڙ، طارق سيال، الطاف انڙ ۽ ٻيا شامل آهن، جن تڪ ۾ پنهنجي اليڪشن ورڪ شروع ڪري ڇڏي آهي، وڏيرن سالن کان رهيل تعزيتون ڪرڻ ۽ رٺلن کي پرچائڻ لاءِ ميڙ منٿ قافلا وٺي وڃڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، ماڻهن کي ڪوڙا دم دلاسا ڏئي هڪ ڀيرو ٻيهر سندن ووٽ ٺڳڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهن پر هن ڀيري هتان جي عوام جو موڊ ڪجهه مختلف آهي، هر آيل اميدوار کان سوال ڪن ٿا ته سندن سنڌ جي قومي معاملن ۽ مسئلن تي پنهنجي اقتداري دور ۾ ڪهڙو موقف هيو، هنن تڪ جي عوام لاءِ ڇا ڪيو هاڻي ڪهڙو منهن کڻي کائن ووٽ گهرڻ آيا آهن. نون چهرن کان پڻ سندن ڪردار ۽ عملن بابت سوال ڪيا وڃن ٿا. ان ڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته تڪ جو عوام هن ڀيري روايتي طور اکيون پوري ووٽ ڏيڻ بجاءِ سوچي سمجهي ووٽ ڪرڻ جي موڊ ۾آهي ۽ شايد چونڊن ۾ ڪنهن بهتر آپشن تي غور ڪري رهيو آهي، چونڊ هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن ۾ ماڻهو موجود کان بهتر جي چونڊ ڪري ٿو اسان وٽ طبقاتي نظام هجڻ ڪري چونڊ تڪ اهڙا ٺاهيا ويا آهن جن سان مٿين طبقي جا ئي اميدوار چونڊن ۾ بيهي سگهن ٿا. غريب ۽ وچولي طبقي کي ڄاڻي واڻي هڪ گهري سازش تحت چونڊجڻ واري عمل کان ٻاهر رکيو ويو آهي، هنن تڪن جي جوڙ جڪ توڙي چونڊ سرگرمين کي انتهائي منجهيل ۽ مهانگو ترين ڪري ڇڏيو آهي، هتي ڪنهن صوبائي تڪ تي به اليڪشن وڙهڻ لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا گهرجن ٿا ان ڪري ڪو غريب چونڊن ۾ بيهڻ جو تصور به نه ٿو ڪري سگهي. پر جيڪڏهن ڪو پورهيت طبقي مان چونڊن ۾ بيهڻ جي جرئت ڪري به ٿو ته ڪروڙ رپيا ڪٿان آڻي؟ اها ڳالهه هر هڪ ماڻهو ڀلي ڀت سمجهي سگهي ٿو ته جيڪو اميدوار ڪروڙ خرچ ڪري اسميبلي ۾ ايندو ته ان کي آخر ڪهڙي ڪاريهر نانگ ڪکيو آهي يا ڪهڙي ڇتي ڪتي ڏاڙهيو آهي جو هو مفت ۾ عوام جي خدمت ڪندو! ان ڪري جيڪڏهن ڪو اميدوار اها دعويٰ ڪري ته هو عوام جو خادم آهي ۽ خدمت واري جذبي تحت ئي چونڊن ۾ حصو وٺي رهيو آهي هو عوام جي بنا ڪنهن فرق جي خدمت ڪندو ۽ مظلومن جا حق وٺي ڏيندو غريب عوام جي داد رسي ڪندو ته پوءِ کيس پر کڻ لاءِ ڏسڻو پوندو ته ان اليڪشنري وڏيري پنهنجي هارين، نارين کي پنهنجي ملازمن، راڄ وارن ۽ ٻين مظلومن ۽ محڪومن کي ڪهڙا حق وٺي ڏنا آهن، هن ٻين قومي ۽ علائقائي مسئلن خصوصن تعليم، صحت، امن امان، روزگار ۽ شهر جي صفائي سٿرائي پيئڻ جي پاڻي توڙي زرعي پاڻي جي منصفاڻي ورهاست تي ڪيترو توجهه ڏنو آهي، جيڪڏهن ڪو اميدوار اهڙي پرک تي پورو لهي ٿو ته ان کي ووٽ ڪرڻ گهرجي ٻي صورت ۾ هن ڀيري به عوام جو ووٽ رائيگان وڃڻ جو خطرو موجود آهي. ووٽ انسان جي ضمير جو آواز آهي، ووٽ سان ماڻهو پنهنجي تقدير جو فيصلو ڪري ٿو، ووٽ ئي اهڙي عوامي قوت آهي جنهن جي صحيح استعمال سان پنهنجي تڪ پنهنجي شهر ۽ پنهنجي ڳوٺ توڙي علائقي جا مسئلا حل ڪرائي سگهي ٿو، پر بدقسمتي سان اسان هميشه پنهنجي قيمتي ووٽ جو غلط استعمال ڪيو ڪوڙن ڀوتارن کي پنهنجو قيمتي ووٽ ڏنو، کين اقتدار جي ايوانن تائين پهچايو. موٽ ۾ وري انهن ساڳين ئي وڏيرن اسان کي بک، بدحالي، بيروزگاري، مهانگائي ۽ مفلسي جي ور چاڙهي ڇڏيو، اسان جي صحت، صفائي، تعليم ڊرينيج توڙي روڊ رستن، گهٽين بازارن لاءِ ڪجهه به نه ڪيو ويتر وري بدامني واري ڀوت کي پنهنجي ئي تاتيل غنڊن، چورن ۽ ڦورن هٿان اسان تي بڇي ڇڏيو، هنن ووٽن وٺڻ کانپوءِ تڪ جو رخ ئي نه ڪيو، تنهن ڪري عوام سورن ۾ آهي، هنن ڀوتارن اسيمبلي ۾ ڪنهن قانونسازي ۾ حصو نه ورتو سنڌي قوم جي اڪثريتي پورهيت عوام جي ڀلي لاءِ ڪا به قانونسازي نه ڪرائي سگهيا، قوم جي سياسي، سماجي، اقتصادي حقن جي تحفظ ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا، هنن سنڌ مٿان ٻٽو بلدياتي نظام مڙهيو، هنن ايم ڪيو ايم جهڙي دهشتگرد تنظيم سان ڳٺ جوڙ ڪري ڪراچي جي تعليمي ادارن ۾ سنڌي نوجوانن جي داخلا بند ڪرائي ڇڏي، سنڌ جي اهل نوجوانن کي ميرٽ تي نوڪريون ڏيڻ بدران سرڪاري نوڪريون پئسن عيوض وڪرو ڪيون. هنن ٻوڏ ستايل سنڌين کي بيدخل ڪيو، هنن پنجاب سامراج سان ملي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙا هنيا، سنڌ جي قومي آجپي لاءِ جاکوڙيندڙ ڪيترن ئي نوجوانن کي شهيد ڪيو ويو، موهين جو دڙو سميت سنڌ جي تاريخي ماڳن جي ڪا به سار نه لڌي وئي، مذهبي انتها پسندي لساني ۽ مذهبي فرقيوارانه وڳوڙ ڪرائڻ جي سازش ڪئي. هنن جرڳائي جاگيردارن ۽ ڀوتارن هميشه پورهيت عوام جي ايڪي ۽ ٻڌي ۾ ڏار وجهي کين ويڙهايو ۽ مٿن حڪومت ڪئي. ان ڪري اڄ وقت اچي ويو آهي ته وڏيرن، پيرن، ميرن، سردارن، جاگيردارن ۽ سندن ساٿارين کان سڀني ناانصافين ۽ بي واجبين جو حساب وٺون ۽ پنهنجي ووٽ واري قوت سان سندن احتساب ڪريون. اچو ته سمورا هاري، پورهيت، شاگرد، شهري، ساڃاهه وند، اديب، شاعر، صحافي ۽ ڳوٺاڻا پنهنجو قيمتي ووٽ ڪنهن به سنڌ دشمن، عوام دشمن، ضمير فروش، وڏيري ۽ جاگيردار کي ڏيڻ بدران سنڌ دوست عوام دوست باضمير ۽ باڪردار اميدوار کي ڏئي کيس ڪامياب ڪيون. پوءِ اهو ڀل ڪو پيرين اگهاڙو هاري پورهيت ڇو نه هجي.ائين ڪرڻ سان ڀوتارن ۽ سندن لاٺڙين کان هميشه لاءِ نجات حاصل ڪري سگهجي ٿي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button