مختصر خبرون

اليڪشن ۾ سنڌ جي دردن ۽ ان جي مسئلن جو حل موجود ناهي، مقصود خان قريشي

انڊس نيوز، هنڱورجا
جسقم جي مرڪزي اڳواڻ مقصود خان قريشي چيو آهي ته اليڪشن ۾ سنڌ جي دردن ۽ ان جي مسئلن جو حل موجود ناهي ان لاءِ ڌرتي ڌڻي متحد ٿي سائين جي ايم سيد ۽ بشير خان قريشي جي ڏسيل واٽ تي هلي جدوجهد ڪن رسول آباد ۾ جسقم اڳواڻ اڪبر راڄپر جي رهائش گاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ۾ ڀوتار ۽ وڏيرا هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌي ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ ڪوڙا ڏٽا ۽ واعدا ڪري ووٽ وٽن لاءِ سرگرم ٿي ويا آهن پر سنڌي ماڻهن کي گهرجي ته اهي ووٽ واري سياست ڪندڙ ڌرين کي الوداع چئي آزادي پسند وارن جو ساٿ ڏين. هن چيو ته 7 اپريل تي شهيد چيئرمين بشير خان قريشي جي پهرين ورسي ۾ لکن جي تعداد ۾ سنڌي ماڻهو شريڪ ٿي اتي وچن ورجائيندا. هن چيو ته بشير قريشي کي سنڌ سان عشق ڪرڻ جي ڏوهه ۾ زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو. بشير خان ڪراچي ۾ لکين سنڌي ماڻهن کي گڏ ڪري سنڌ جي مالڪي ڪئي جنهن ڪري هڪ سازش تحت کيس کي شهيد ڪيو ويو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button