اليڪشن 2013سکر

اليڪشن کي صاف شفاف بڻائڻ جي لاءِ ڊائريڪشن ۽ گائيڊلائن ڏني آهي، ڊاڪٽر نياز عباسي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، سکر

اليڪشن کي صاف شفاف بڻائڻ جي لاءِ ڊائريڪشن ۽ گائيڊلائن ڏني آهي، ڊاڪٽر نياز عباسي
اليڪشن کي صاف شفاف بڻائڻ جي لاءِ ڊائريڪشن ۽ گائيڊلائن ڏني آهي، ڊاڪٽر نياز عباسي
سکر ۾ اليڪشن جي حوالي سان اجلاس، سکر سميت 4 ضلعن م 4 سئو 21 پولنگ اسٽيشن انتهائي حساس ۽ 11 سئو 23 حساس قرار. خبرموجب سکر ۾ اليڪشن جي حوالي سان ڪمشنر سکر ڊويزن ڊاڪٽر نياز عباسي جي سربراهي ۾ قائم ڪيل ڊويزن ڪو آرڊينيشن ڪميٽي جو هڪ اهم اجلاس سکر جي سرڪٽ هائوس ۾ ٿيو جتي ڊي آءِ جي سکر سلطان خواجه، رينجرز جي ڪمانڊر شهباز، ڊويزنل اليڪشن ڪمشنر امير بخش عباسي جي علاوه سکر، گهوٽڪي، خيرپور ۽ نوشهروفيروز جي ضلع جي ڊپٽي ڪمشنرز، ايس ايس پيز سميت ٻين متعلقه ادارن جي ڊويزنل ۽ ضلعي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي دوران اليڪشن جي عمل کي صاف شفاف بڻائڻ ۽ ان موقع تي امن ۽ امان قائم رکڻ جي حوالي سان غور ڪيو ويو اجلاس جي دوران ٻڌايو ويو ته سکر ڊويزن ۾ 214 انتهائي حساس ۽ 11 سئو 23 پولنگ اسٽيشن حساس قرار ڏنا ويا آهن جنهن ۾ سکر ضلع ۾ 80 انتهائي ۽ 1 سئو 40 حساس، گهوٽڪي ۾ 1 سئو 16 اتهائي ۽ 1 سئو 78 حساس، خيرپور ۾ 1 سئو 50 انتهائي ۽ 722 حساس جڏهن ته نو شهروفيروز ۾ 40 انتهائي ۽ 43 حساس پولنگ اسٽيشن آهن اجلاس کانپوءِ ڪمشنر سکر ڊويزن نياز عباسي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته آفيسرن کي اليڪشن کي صاف شفاف بڻائڻ جي لاءِ ڊائريڪشن ۽ گائيڊلائن ڏني وئي آهي ۽ لاڳاپيل ضلعن جي ڊي سيز ۽ ايس ايس پيز کي چيو ويو آهي ته ان حوالي سان حڪمت عملي ترتيب ڏين. هنن چيو ته پولنگ اسٽيشن تي آرمي جي مقرري جي حوالي سان سومر جي ڏينهن جنرل ڪمانڊرنگ آفيسر پنوعاقل ڇاوڻي جي زير صدارت اجلاس ٿيندو.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button