اليڪشن 2013باڊھ

اليڪشن فيئر ٿيندي نظر نٿي اچي، مسرور احمد خان جتوئي

جاويد ڪانڌڙو، مورو

اليڪشن اسان کي فيئر ٿيندي نظر نٿي اچي، مسرور احمد خان جتوئي
اليڪشن اسان کي فيئر ٿيندي نظر نٿي اچي، مسرور احمد خان جتوئي
مورو ۾ اليڪشن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ جو سلسلو پنجين ڏينهن به جاري رهيو ريٽرننگ آفيسر ۽ ايڊيشنل سيشن جج قمرالدين عباسي قومي اسمبلي جي تڪ نمبر اين اي 211 تي نيشنل پيپلز پارٽي جي سربراھ غلام مرتضىٰ خان جتوئي، مسلم نواز ليگ جي اڳواڻ سيد ظفر علي شاھ، نامياري وڪيل حاجي خان مشوري، جمعت علماءَ اسلام ف جي مولانه عبدالله ڦل، پي ايس 23 ۽ 19 تي اين پي پي اڳواڻ مسرور احمد خان جتوئي، پي ايس 19 تي اڳوڻي صوبائي وزير عاقب عرف غلام رسول خان جتوئي، پي ايس 22 تي عارف مصطفى خان جتوئي جا فارم بحال ڪري ڇڏيا، هوڏانهن رٽرننگ آفيسر ڪنڊيارو پي ايس 20 تي اڳوڻي صوبائي وزير اينٽي ڪرپشن عبدالحق ڀرٽ جا فارم باڪيدار هجڻ ۽ اسلامي سوال نه ٻڌائڻ ڪري رد ڪيو ويو جڏهن ته پي ايس 20 تي ۽ اين اي 212 تي عالماڻي برادري جي چيف سردار عثمان خان عالماڻي جا فارم بحال ڪري ڇڏيا، تڪ نمبر قومي اسمبلي 212 تي سيد عاشق علي شاھ جيلاني جا فارم بحال ٿي ويا، هواڏنهن نيشنل پيپلز پارٽي جي سربراھ غلام مرتضى خان جتوئي مسرور احمد خان جتوئي، عاقب خان جتوئي عارف مصطفى جتوئي جا فارم بحال ٿيڻ جي خوشي ۾ اين پي پي جي ڪارڪنن حافظ عبدالرحمان عباسي،عرفان عباسي، جاويد ڪانڌڙو، اسد سولنگي، محمد قاسم ٻگهيو، ، وڏيرو علي اصغر سولنگي، ، انورالدين ميمڻ، ۽ ٻين خوشي ۾ مرتضى جتوئي مسرور جتوئي ۽ ٻين اميدوارن مٿان گلن جي ورکا ڪئي ۽ گلن جا هار پارايا مبارڪ باد ڏني ۽ جهمريون هڻي مٺائيون تقسيم ڪيون.ان موقعي تي مرتضىٰ جتوئي ۽ مسرور احمد خان جتوئي نيشنل پريس ڪلب جي صحافين جي وفد سان ڳالهائيندي چيو ته هي اليڪشن اسان کي فيئر ٿيندي نظر نٿي اچي ان هوندي به اسان ڀرپور حصو وٺنداسين ۽ عوام جي طاقت سان اڳ جيان هن ٽائيم به ڪامياب ٿينداسين هڪ سوال جي جواب ۾ هنن چيو ته اليڪشن ڪميشن پاران بيلٽ پيپر ۾ هڪ خالي خانو ڇڏڻ مان اسان کي تحفظات آهن ۽ هي جمهوريت خلاف سازش نظر اچي رهي آهي ۽ ٿي سگهي ٿو ته اڳتي هلي هن سان مارشلا جي راھ هموار ٿئي هنن وڌيڪ چيو ته هن وقت عوام وڌيڪ سجاڳ آهي ان جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته پهريون ڀيرو مورو جي تاريخ ۾ مختلف پارٽين جي اڳواڻ ۽ آزاد اميدوارن سان گڏ عورتن ۽ معذورن به 250 کان مٿي فارم وصول ڪيا آهن ۽ اها حقيقي جمهوريت ڏانهن پهرئين وک آهي

وڌيڪ ڏيکاريو

ھڪ تبصرو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button