اليڪشن جا اميدوار پگهر هاڻن، پيري اگهاڙين، ڳوٺاڻن کي ٻٽا ڀاڪر پائين ٿا

عبدالمجيد جهتيال، باڊهه

پي ايس 41 جا اميدوار
پي ايس 41 جا اميدوار
هر موسم جو پنهنجو مزو هوندو آهي پر اليڪشن جي آمد به بهار جي مند جيان آهي چونڊن جو اعلان ٿيندي ئي ايترا ته اميدوار ظاهر ٿي پيا آهن، جيئن وسڪاري کان پوءِ ٿر ۾ کنڀيون ،وڏيرڪيون لينڊ ڪروزرس ۽ پيجارو گاڏيون اڳ جيڪي وي آءِ پي روڊن تي بنا بريڪ گھمندي نظر اينديون هيون، اليڪشن جي سيزن ۾ ڪچن گھرن ، لوڙهن ۽لانڍين جي آڳرن تي ڪتر پيون ٿين، شگر، بليڊ پريشر جا مريض موڊي ۽ مغرور وڏيرا جيڪي هر وقت وات ۾ مڱ وجھي گھمندا آهن، اهي اليڪشن جي سيزن ۾ پگهر هاڻن، پيري اگهاڙين، ڳوٺاڻن کي ٻٽا ڀاڪر پائيندي ڌاپندن نه ٿا، ڏنڌ شيڪ، مسڪرائڻ ۽ ٽهڪن ڏيڻ جي ڄڻ ته ڀوري مينهن ويامي پئي آ. هونئن ته مسڪين ماروئڙن کي ڪير کنگهندو به ڪونهي پر هن سيزن ۾ سندن مان مٿانهون آهي، اليڪشني ڀوتارن جي اڄڪلهه چئني پاسي نظر آهي، ڪو به موقعو هٿان وڄائڻ جي پوزيشن ۾ ناهن، ڪنهن شهر يا ڳوٺ جي مسجد جي لائوڊ اسپيڪر مان ڪنهن جي مرڻ جو اطلاع ٻڌندي ئي اليڪشني ڀوتار مٽن مائٽن کان اڳ ۾ پهچي وڃن ٿا، پوءِ ته ميت جو ڪلهي ڪانڌي ٿيڻ کان وٺي کيس قبر ڀيڙو ڪرڻ تائين واري ڪم ۾ سنگت مڙئي سوائي آهي، غريب جي مرڻ جي به هي سيزن بهتر آهي، عذرخواهي ۾ اڄ ڪلهه بلو ۽ ساوا نوٽ هلن ٿا، هڪ ڌڪ ۾ تڏي جو خرچ ٻاهران هن اليڪشني موسم ۾ مسڪين مارئڙن جي منهن جي پڪائي ۽ تڏي جي لڄ به ڏسڻ وٽان آهي، ووٽ وٺڻ لاءِ در تي ايندڙ اميدوار کي فيصلي ۾ ڏوهي هئڻ باوجود چٽي پوڻ، ٿاڻي ۾ ڇڪجي اچڻ کانپوءِ ڏوهي هئڻ باوجود مدد نه ڪرڻ جهڙيون مهڻا ۽ ميارون ته ضرور ڏبيون اميدوار کي اهڙيون ته ست سريون ٻڌائين ٿا جو کيس ڇٺي جو کير به ياد اچي وڃي پر ووٽ ته وٺڻا ئي آهن، تنهن ڪري سڀ ڳالهيون سر تي سهڻيون پون ٿيون، طبيعتن ۾ تبديلي سياسي موسم جي مجبوري بڻيل آهي، هن چونڊن جي موسم ۾ پوليس جي به ٻيگهي متل آهي، شل نه ڪنهن مٿان رڍ يا ٻڪري چوري جو ڪو دانهي اچي پوءِ ته موبائل ۾ چڙهي وڃي جوابدار جي گهر مٿان ڪڙڪندا پوءِ ته بڻا وٺ وارو ڙي وارو، غريب جي گهر ۾ گهڙي جوابدار کي پڪڙي سندس گهر کي مال غنيمت سمجهي ميل جو ڪڪڙ، ڇيلو يا ڪا ڀلي رلهي کڻي گاڏي ۾ چڙهي شهرن ۽ ڳوٺن جي گهٽين مان ائين ڌوڙ اڏائيندا ايندا ڄڻ ته ڪو انعام يافته ڏوهاري پڪڙيو هجين، پوءِ ته ٿاڻي تي اچي همراهه کي ابتو ٽنگي مٿس پادر جو زيپٽ هوندو، سپاهي سڳورا به پنهنجا هٿ هٿڙا ٺاري ٿڪجي اچي ويهندا، پوءِ ته چند گهڙين ۾ ئي اليڪشني ڀوتارن جا ٽولا اچي ٿاڻي تي پهچندا، پوءِ ته جوابدار کي ڇڏائڻ لاءِ ائين واڪ لڳندا جيئن مال پڙي تي ڍور مٿان واڪ لڳندا آهن، همراهه کي ڇڏائي سنتري جي ڪلي ڇوڙائي کان وٺي صاحب وڏي جي جيب خرچي تائين جوابدار کي ڍور ڍڳا کپائڻا پئجي وڃن ٿا، جڏهن ته ڀوتار پنهنجا ووٽ به پڪا ڪري وڃن ٿا، تازو اعلانيل اليڪشن 2013ع جي چونڊن ۾پي ايس 41 تان چونڊ وڙهڻ لاءِ ڪيترائي نوان توڙي پراڻا چهرا ظاهر ٿيا آهن، جن ۾ پ پ طرفان اڳوڻو ايم پي اي عزيز جتوئي، آزاد اميدوار طور ڊاڪٽر مولا بخش جوڻيجو، ايس ٽي پي طرفان پورهيت اڳواڻ ڪامريڊ قادر بروهي، ايس يو پي جو ڊاڪٽر محب ڦلپوٽو، آزاد عوامي اتحاد پاران سڪندر علي زهري ميدان ۾ ميدان ۾ لٿل آهن، هن وقت تائين ظاهر ٿيل مٿين اميدوارن تي نظر وجهنداسين ته پ پ جي حامي عزيز جتوئي جي پنهنجي تڪ ۾ مخالفت حد کان وڌيڪ آهي، ڇو ته ٻه ڀيرا چونڊجڻ باوجود به هن پنهنجي تڪ جي عوام کي ائين وساري ڇڏيو جيئن ان جو هن تڪ سان ڪو تعلق نه هجي، جڏهن ته آزاد اميدوار ڊاڪٽر مولا بخش جوڻيجو ۽ ٻيا پڻ نوان چهرا آهن، چونڊن ۾ ڪير کٽندو ڪير هارائيندو ان ۾ اڃا گهڻو ٽائيم پيو آهي، پر هن وقت صورتحال سامهون آئي آهي، چئي سگهجي ٿو ته پ پ پارٽي جي اميدوار عزيز جتوئي کي وڏين مشڪلاتن ۽ پريشانين سان منهن ڏيڻو پوندو، ڇو ته عوام سان رابطي ۾ نه هجڻ ڪري ۽ تڪ واسين جو ڪو به مسئلو حل نه ڪرائڻ ڪري پي ايس 41 جو عوام مٿس ڏمريل آهي، 2 سال اڳ وڳڻ ٿاڻن تي سندس گمشدگي بابت ڪيس داخل ڪرايو ويو هو ۽ تازو ڪجهه ڏينهن اڳ باڊهه ٿاڻي تي پڻ شهري عزيز جتوئي جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪرائڻ ويا هئا پر پوليس کين اهو چئي ڪيس داخل نه ڪيو ته عزيز جتوئي اسان جي ٿاڻي جي حد ۾ نه آهي، ان کان علاوه نصيرآباد، ڏوڪري، باڊهه، وڳڻ، لالو رائنڪ ۽ ٻين شهرن توڙي ڳوٺن ۾ علائقي واسين پاران پ پ اميدوار عزيز جتوئي جي سخت مخالفت ڪندي موبائل فون جي ذريعي ايس ايم ايس مهم شروع ڪري ڇڏي آهي، سندس خلاف نصيرآباد ۾ عوامي عدالت قائم ڪري مٿس نصيرآباد اچڻ تي پابندي لڳائي وئي آهي، اهڙي صورتحال سبب پ پ اميدوار پنهنجي بنگلي تائين محدود آهي، سندس پاران هن وقت تائين ڪا به سرگرمي منظر تي نه اچي سگهي آهي.

ٽيگس
وڌيڪ ڏيکاريو

لاڳاپيل مضمون

پڻ چيڪ ڪريو
Close
Back to top button
Close