مختصر خبرون

اليڪشني ڀوتار رنگين نعرن ذريعي عوام کي بيوقوف بڻائي رھيا آھن، مقصود خان قريشي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ،هنڱورجا
جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي اڳواڻ مقصود خان قريشي چيو آهي ته اليڪشني ڀوتار وري ٻيهر سنڌ جي اٻوجهه ماڻهن کي مختلف رنگين نعرن زريعي بيوقوف بڻائي پنهنجا پيٽ ڀرڻ لاءِ ميدان ۾ نڪتل آهن پر سنڌ جي سڀني مسئلن جو حل سنڌ جي آزادي ۽ خوشحالي ۾ آهي. هنڱورجا ۾ جسقم ڪارڪنن جي وڏي ميڙ کي خطاب ڪندي هن چيو ته وسيلن سان مالامال سنڌ جا ماڻهو غربت واري زندگي گذاري رهيا آهن. پر سنڌ جا ڀوتار اقتدار جي ڪرسي جي حوس ۾ سنڌ امڙ جو سودو ڪندا رهيا آهن. هن چيو ته شهيد بشير قريشي کي ڪراچي جي اندر 23 مارچ تي 30 لک ماڻهو گڏ ڪرڻ ۽ سنڌ سان عشق ڪرڻ جي ڏوهه ۾ کيس کي زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو. بشير قريشي کان هنڱورجا جي شهيد عبيدالله سومرو تائين ڏنل قربانيون ڪڏهن به رائگان نه وينديون.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button