زراعت

اسٽرا بيري، ڪيلو، انب ۽ کارڪون جي فرانس جي مارڪيٽ ۾ برآمد ڪرڻ جي اهميت تي هڪ ڏينهن لاءِ سيمينار

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، خيرپور

اسٽرا بيري، ڪيلو، انب ۽ کارڪون جي فرانس جي مارڪيٽ ۾ برآمد ڪرڻ جي اهميت تي  هڪ ڏينهن لاءِ سيمينار منعقد ڪرايو ويو
اسٽرا بيري، ڪيلو، انب ۽ کارڪون جي فرانس جي مارڪيٽ ۾ برآمد ڪرڻ جي اهميت تي هڪ ڏينهن لاءِ سيمينار منعقد ڪرايو ويو
خيرپور : ٽريڊ ڊولپمينٽ آٿارٽي آف پاڪستان (ٽي ڊي اي پي) سکرآفيس پاران سکر جي ڊويزن جي علائقائي تازن ميوون جهڙوڪ اسٽرا بيري، ڪيلو، انب ۽ کارڪون جي فرانس جي مارڪيٽ ۾ برآمد ڪرڻ جي اهميت تي هڪ ڏينهن لاءِ درٻار هال ڊي سي آفيس خيرپور ۾ هڪ ڏينهن لاءِ سيمينار منعقد ڪرايو ويو جنهن ۾ مهمانِ خاص ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر طارق علي نظاماڻي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت پاران آبادگارن کي پنهنجي علائقائي پروڊڪٽس جي ٻاهر برآمد ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوششون وٺي رهي آهي ته جيئن علائقائي ميوو ڏيهه توڙي پرڏيهه مشهور ٿين گڏو گڏ ناڻو پڻ ڪمائي سگهجي. هن چيو ته گذريل پنجن سالن کان ضلعي انتظاميه خيرپور پاران کجين جي عالمي نمائش ۽ سيمينار منعقد ڪرايا ويا جنهن سان خيرپور جي کجي جي پيدوار کي تمام گهڻي هٿي ملي ۽ ٻاهر برآمد ڪرڻ جو مقدار پڻ وڌيو. هن چيو ته علائقائي ۾ خوشحالي تڏهن ايندي جڏهن هتان جو ننڍو آبادگار ۽ هاري خوشحال ٿيندا ۽ اهي تڏهن خوشحال ٿيندا جڏهن هتان جي زرعي پيدوار فصل، ڀاڄيون ۽ ميووا سٺي اگهه تي ڏيهه توڙي پرڏيهه وڪامندا. هن حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه پاران آبادگارن کي ميوون جي ٻاهر برآمد ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن مدد ڪرڻ جو يقين ڏياريو. ان موقعي تي سيمينار ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي ڊيٽ پام ريسرچ انسٽيٽيوٽ (ڊپري) جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر غلام سرور مرکنڊ چيو ته هن علائقي ۾ ميوون جي پوکي تمام گهڻي ۽ بهترانداز ۾ ٿئي ٿي جنهن ۾ اسٽرابيري، انب ۽ خاص طور تي کجي جي ميوو هتان جي سڃاڻپ آهي. هن چيو ته ڪچي جي علائقن ۾ اسٽرابيري ۽ ڪيلو گهڻي مقدار ۾ پوکيو ٿو وڃي جيڪو حڪومت پاران انهن کي جديد آمد و رفت جهڙوڪ روڊ رستا مهيا ڪرڻ کانپوءِ ئي اهو ممڪن بڻيو آهي. هن چيو ته کجين جي مختلف ورائيٽين کي فروغ ڏيڻ لاءِ هتان جي آبادگارکي پوکي جا جديد طور طريقا اپنائڻا پوندا جڏهن ته ٻاهرين ملڪن ۾ آبادگارن کي پنهنجي فصل توڙي ميوون جو بهتر اگهه ملي رهيو آهي پر هتان جي آبادگارن کي اڃان به وڌيڪ سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته سندس ادارو هڪ تحقيقي ادارو آهي جيڪو هتان جي آبادگارن ۽ پوکي جي مزاج مطابق کجين جي فصل تي تحقيق ڪري رهيو آهي جيڪو ٽشو ڪلچر تي خاص توجهه ڏئي رهيو آهي. ان موقعي تي آبادگار مولانا صدرالدين ڦلپوٽو خطاب ڪندي چيو ته حڪومت جي مدد سان هُو باغباني جي لاءِ جديد ۽ بهتر مشينري جي مدد سان کجين جي بهتر پوکي ڪري رهيو آهي ۽ جڏهن گذريل ڪجهه سالن کان ضلعي انتظاميه پاران کجين جي عالمي نمائش ۽ سيمينار منعقد ڪرائڻ سان کجي جي پوکي کي هٿي ملي آهي ۽ پرڏيهه وڃڻ جو پڻ موقعو مليو جتي هُن کي ٻين ملڪن جي کجي جي ورائيٽِي جي ڄاڻ ملي ۽ هتان جي کجي جي برآمد ڪرڻ لاءِ پڻ مدد ملي. ان موقعي تي سمينار ۾ سکر چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي محمد تنوير، زرعي توسيع کاتو خيرپور جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر قمر الدين سولنگي، زرعي توسيع کاتي سکر جي ٽيڪنيڪل آفيسر اظهر علي، اسٽيٽ بئنڪ جو سيد مظفر علي شاهه، ٽي ڊي اي پي جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر صائمه اظهر، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جعفر حُسين، بينظير چاچڙ ۽ ٻين پڻ سمينار ۾ خطاب ڪيو پنهنجي لاڳاپيل کاتن پاران علائقي جي تازي فروٽس جي ٻاهر برآمد ڪرڻ جي حوالي سان ڪوششن کان آگاهي ڏني.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button