مختصر خبرون

اسان پيرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لٿل آهيون، يار محمد منڱڻيجو

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، هنڱورجا
سهتا مڱڻيجا ناريجا اتحاد جي اين اي 217 جي اميدوار حاجي يار محمد منڱڻيجو هنڱورجا ، سمي سڳيون ۽ ٻين هنڌن تي ڪارنر گڏجاڻين کي خطاب ڪندي چيو آهي ته هن ڀيري آزمايلن کي ٻيهر آزمائڻ جي عوام غلطي نه ڪندو ڀوتارن ۽ پيرن عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي ڪڏهن به ڪوشش ناهي ڪئي ان ڪري اسان پيرن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لٿل آهيون ڪامياب ٿي تڪ جي عوام جي قسمت بدلائي ڇڏينداسين . گڏجاڻي کي حاجي عزيزالله ناريجو، ايڊوڪيٽ علي داد ناريجو ۽ ٻين چيو ته 11 مئي تي عوام کي سوچي سمجهي فيصلو ڪرڻو پوندو ۽ سندن جو سڄڻ ڪير آهي. اسان جي اتحاد جا اميدوار اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندا.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button