اليڪشن 2013ڌھرڪي

آزاد اميدوار صحافي رميش ڪمار بي ايم پنهنجي اليڪشن مهم تيز ڪري ڇڏي

انڊس نيوز ڊاٽ نيٽ، ڏهرڪي

آزاد اميدوار صحافي رميش ڪمار بي ايم پنهنجي اليڪشن مهم تيز ڪري ڇڏي
آزاد اميدوار صحافي رميش ڪمار بي ايم پنهنجي اليڪشن مهم تيز ڪري ڇڏي
پي ايس 7 ڏهرڪي، ميرپورماٿيلوتڪ تي بيٺل آزاد اميدوار صحافي رميش ڪمار بي ايم پنهنجي اليڪشن مهم جي باقائده شروعات ڪندي اليڪشن مهم تيز ڪري ڇڏي آهي ان سلسلي ۾ ڏهرڪي جي سماجي تنظيم لاٽ هيومن ڊيولپمينٽ آرگنائيزيشن جي آفيس ۾ ڪوٺايل ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪندي پي ايس 7 جي آزاد ميدوار صحافي رميش ڪمار چيو ته ڏهرڪي ۽ ميرپورماٿيلو تڪ جي عوام کان چونڊيل نمائيندن ڪوڙن لالچن ۽ ڏٽن عيوض ووٽ وٺي هنن کي نظر انداز ڪري ڇڏيو هو ۽ هتان جي بي پهچ عوام اڄ به بک،بدحالي ۽ بيروزگاري جي ور چڙهيل آهي ۽ هتان جي غريب،اٻوجهه عوام بنيادي سهولتن کان پڻ محروم آهي اهڙين حالتن کي ڏسندي مون عوامي خواهشن تي پي ايس 7 تڪ تي حصو ورتو آهي انشاءَ الله هتان جي عوام مونکي وڏي اڪثريت سان ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرائي ايوان ۾ پهچائيندي ۽ آءُ ايوان ۾ هنن جي بنيادي مسئلن جي حل لاءِ آواز اٿاري هنن کي انصاف فراهم ڪرائيندس.ان موقعي تي مختلف سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن شو لعل،سريش ڪمار،راجڪمار،ماڻڪ رام، وڪيل نند لعل،ميرحسن لاشاري،راجيش ڪمار ۽ مختلف برادرين جي ماڻهن پي ايس 7 جي آزاد اميدوار رميش ڪمار جي کليل حمايت ڪندي چيو ته اسان کي هميشه سياستدانن ووٽ وٺڻ بعد نظر انداز ڪيو ۽ ووٽ حاصل ڪرڻ بعد تڪ جو منهن به نه ڪيو تنهنڪري اسان هن عام چونڊن ۾ پنهنجي آزاد اميدوار رميش ڪمار کي بيهاريو آهي جنهن کي ووٽ ڏئي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪنداسين ۽ مخالفن کي عبرتناڪ شڪست جو منهن ڏسڻو پوندو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button