بلاگ

ٽوئيٽر ڇا آھي ۽ ڪيئن استعمال ڪجي؟

ظھور سولنگي، اسلام آباد
ٽوئيٽر ھڪ آن لائن سوشل نيٽ ورڪنگ ۽ مائڪروبلاگنگ جي سروس آھي جيڪا استعمال ڪندڙ کي 140 اکرن لکڻ جي اجازت ڏئي ٿي ۽ انھن کي ٽئيٽس Tweets چيو ويندو آھي. ٽئيٽر مارچ 2006 ۾ جيڪ ڊروسري طرفان قائم ڪيو ويو.
ڏسڻ ۾ ٽئيٽر سادو نظر اچي ٿو مگر استعمال ڪرڻ ۾ ڪيترن ماڻھن کي مشڪل پيش اچي ٿي، ان مسئلي کي سامھون رکندي اسان اڄ ھي بلاگ لکي رھيا آھيو.
https://twitter.com/
جئين تصوير ۾ ڏيکاريل آھي، ڳاڙھي باڪس ۾ جيئن ڏيکاريل آھي ائين ئي فارم ڀريو.

تئيٽر کاتو کولڻ لائڻ لاءِ
تئيٽر کاتو کولڻ لائڻ لاءِ

ان کان پوءِ Sign up for Twitter بٽڻ کي ڪلڪ ڪريو. ان کان پوءِ ٻيو پيج کلندو جيئن تصوير ۾ ڏنل آھي
2nd (640x480)
ھاڻي Create my Acount کي ڪلڪ ڪريو جيئن مٿي تصوير ۾ ڏنل آھي. اڪائونٽ ٺاھڻ کان پوءِ پنھنجي ڏنل اي ميل کولي اڪائونٽ کي کولي ڪري پنھنجي اڪائونٽ کي ايڪٽو ڪريو.

اي ميل کي ڪنفرم ڪريو
اي ميل کي ڪنفرم ڪريو

ھاڻي اوھان جو اڪائونٽ ٿي ويو جيئن تصوير ۾ ڏنل آھي.

اڪائونٽ کلي ويو
اڪائونٽ کلي ويو

ھاڻي اچوته پھرئين ٽئيٽ ٿا ڪريون، جيئن ھيٺ تصوير ۾ ڏيکاريل آھي.

ٽئيٽ ڪرڻ لاءِ
ٽئيٽ ڪرڻ لاءِ

ٽئيٽر اوھان کي ڪجھ اڪائونٽ فالو ڪرڻ لاءِ چوندو جيئن اوھان مٿي اسڪرين ۾ ڏسو ٿا.
پروفائل مڪمل ڪرڻ:
ھاڻي اچو ته پروفائل مڪمل ڪريون، جيئن تصوير ۾ ڏنل آھي.

پروفائل کولڻ لاءِ
پروفائل کولڻ لاءِ

ھاڻي اچوته پروفائل مڪمل ڪريون جيئن تصوير ۾ ڏنل آھي ۽ ٽئيٽر کي فيس بڪ سان ڪنيٽ ڪريون.

پروفائل مڪمل ڪريو ۽ فيس بڪ سان ڪنيٽ ڪريو
پروفائل مڪمل ڪريو ۽ فيس بڪ سان ڪنيٽ ڪريو

پروفائل ۾ اوھان پنھنجي تصوير به ڏئي سگھو ٿا ۽ ھيڊر جي تصوير ۽ پنھنجي باري ۾ لکي به سگھو ٿا. فيس بڪ سان ڪنيڪٽ ڪرڻ لاءِ مٿئين تصوير ۾ ھيٺئون ڳاڙھو باڪس ڏسو. فيس بڪ سان ڪنيڪٽ ڪرڻ جو فائدو اھو آھي ته ٽئيٽر تي اوھان جي ھر ٽئيٽ فيس بڪ تي به شيئر ٿيندي.
موبائل سان ڪنيٽ ڪرڻ: پنھنجي موبائل سان ڪنيٽ ڪرڻ لاءِ ھٺئين تصوير ۾ ڏسو

موبائل سان ڪنيڪٽ ڪريو.
موبائل سان ڪنيڪٽ ڪريو.

ياد رکو جيڪڏھن اوھان جو موبائل نمبر پھريائين ڪنھن اڪائونٽ سان ڪنيڪٽ ٿيل آھي ته اوھان کي ڊسڪنيڪٽ ڪرڻو پوندو ۽ مون کي پڪ آھي ته اڪثر دوستن سان اھو مسئلو پيش ايندو ڇوڪو ڪيترن ئي دوستن پھريان ڪنھن اڪائونٽ کي موبائل تان فالو ڪيو ھوندو. اڪثر دوست ٻين کي صحيح گائيڊ نه ڪندا آھن ۽ چوندا آھن ته اسان جي ايس ايم ايس سروس کي ھن طرح فالو ڪريو ائين ھر نئين اڪائونٽ کي فالو ڪرڻ سان اوھان جا ھردفعي ڏيڍ ٻه روپيا ڪٽبا، پر اڄ کان انھن سڀن اڪائونٽس کي ان فالو ڪريو ۽ ٽئيٽر تان ئي اوھان انھن کي ٻيھر موبائل لاءِ فالو ڪريو. جيڪڏھن اوھان جو موبائل ڪنھن ٽئيٽر اڪائونٽ کي فالو ناھي ڪيو ته ھي اسڪرين ايندي. ھن مان اوھان ڇا ڪندا جو پنھنجي موبائل تي ھڪ ايس ايم ايس ايم لکندا ۽ ان ۾ صرف GO لکي ڪري 40404 تي موڪليندا ان کان پوءِ اوھان جو موبائل ٽئيٽر سان ڪنيٽ ٿي ويندو. ھيٺ ٽصوير ڏسو

موبائل تان ايس ايم ايس ڪريو جنھن ۾ GOلکي ڪري 40404 تي موڪليو
موبائل تان ايس ايم ايس ڪريو جنھن ۾ GOلکي ڪري 40404 تي موڪليو

پر جيڪڏھن پھريان ڪنھن موبائل سان ڪنيڪٽ ٿيل آھي ته ھي اسڪرين ڏسڻ ۾ ايندي

STOP لکي ڪري 40404 تي ايس ايم ايس ڪريو
STOP لکي ڪري 40404 تي ايس ايم ايس ڪريو

مٿئين صورت ۾ STOP لکي پوءِ 40404 تي موڪليو ۽ ان کان پوءِ اوھان جو فون ٻين سڀن اڪائونٽس کان ڊسڪنيٽ ٿي ويندو. پوءِ اوھان کي وري موبائل کي وري مٿي ڏنل تصوير جنھن ۾ موبائل نمبر ڏنل آھي ان مطابق ڪنيڪٽ ڪريو.
ڪنھن اڪائونٽ جون ٽئيٽ موبائل تي حاصل ڪرڻ جو طريقو: جيڪڏھن اوھان مٿي ڏسيل طريقي مطابق موبائل کي ٽئيٽر اڪائونٽ سان ڪنيڪٽ ڪري ڇڏيو آھي ته پوءِ ڪنھن کي اڪائونٽ جون ٽئيٽس (اپڊيٽ) موبائل تي مفت ۾ حاصل ڪري سگھو ٿا. ان لاءِ ان اڪائنٽ کي پھريان فالو ڪرڻ ضروري آھي.
فالو ڪرڻ لاءِ ڪو ٽئيٽر اڪائونٽ کوليو ۽ ان کي تلاش ڪريو. اگر اوھان کي ڪنھن اڪائونٽ جو يوزرنيم ياد آھي جئين IndusNewsNet ته صورت ۾ https://twitter.com/indusnewsnet ھيئن لکو ۽ فالو جي بٽڻ کي دٻايو جيئن ھيٺ تصوير ۾ ڏنل آھي.

ڪنھن اڪائونٽ کي فالو ڪرڻ لاءِ
ڪنھن اڪائونٽ کي فالو ڪرڻ لاءِ

ھاڻي جڏھن اوھان اڪائونٽ کي فالو ڇڏيو ته اوھان ان اڪائونٽ جون ٽئيٽس پنھنجي موبائل تي مفت ۾ حاصل ڪري سگھو ٿا جيئن ھيٺ تصوير ۾ ڏنل آھي.

موبائل لاءِ فالو ڪريو.
موبائل لاءِ فالو ڪريو.

ھاڻي جڏھن چاھيو ته پنھنجي ٽئيٽراڪائونٽ تان ان اڪائونٽ جون موبائل اپڊيٽس بند ڪري سگھوٿا ۽ ان جا ڪي به پئسا نه لڳندا.
ھاڻي اچو ته ٽئيٽرجون ڪجھ ٻي شيون ٿا سکون.
تصوير اپلوڊ ڪرڻ: اوھان ٽئيٽ سان گڏ تصوير به اپلوڊ ڪري سگھو ٿا ۽ ان جو بٽڻ ٽئيٽ ڪرڻ واري باڪس ۾ آھي. ياد ٽئيٽ 140 اکرن کان وڌيڪ نه ھوندي، وڌيڪ لاءِ ٻي ٽئيٽ ڪريو. ٽئيٽ سان گڏ لنڪ به شيئر ڪري سگھو ٿا.
ٽيگ ڪرڻ: جيڪڏھن اوھان ٻي ڪنھن کي ٽيگ ڪرڻ چاھيو ٿا ته ان جو يوزر نيم @ سان گڏ پنھنجي ٽئيٽ ۾ لکو جيئن @IndusNewsNet ٽيگ ڪرڻ سان اڪائونٽ جي مالڪ کي ھڪ پيغام ويندو.
ھيش ٽيگس: ھيش ٽيگ تمام ضروري آھن ۽ انھن جو فائدو آھي ته انھن تي لنڪ ٺھي ويندي آھي ھيش ٽيگ لاءِ اوھان ورڊ کان پھريان # جو استعمال ڪريو #Sindh ھاڻي سنڌ تي لنڪ ٺھي ويندي ۽ جڏھن ان کي ڪلڪ ڪندا، اھي سڀ ٽيگس گڏ نظر نظراينديون
ذاتي پيغام: اوھان ڪنھن اڪائونٽ کي جنھن اوھان فالو ڪيو ھجي ۽ ان به اوھان کي فالو ڪيو ھجي ته ان کي ذاتي پيغام به موڪلي سگھو ٿا.
ايس ايم ايس ذريعي ٽئيٽر کي اپڊيٽ ڪرڻ: اوھان ايس ايم ايس ذريعي پنھنجي ٽئيٽر کي اپڊيٽ ڪري سگھو ٿا ان صورت ۾ اوھان جي ڪمپني پئسا ڪٽيندي، ٿي سگھي ٿو ڪا ڪمپني مفت ۾ سروس ڏيندي ھجي، ھڪ دوست زونگ لاءِ ٻڏايو آھي، اسان يوفون کي استعمال ڪندا آھيون ۽ اھي پئسا ڪٽيندا آھن. بھتر آھي ته ڪمپيوٽر تان يا موبائل جي جي پي آر ايس تان اپڊيٽ ڪريو.
ٽئيٽر لاءِ سافٽ ويئر: جيڪڏھن اوھان ھڪ کان وڌيڪ ٽئير اڪائونٽ استعمال ٿا ڪريو ته ٽئيٽ ڊيڪ سافٽ ويئر استعمال ڪريو ۽ ونڊوز 8 جي ايپليڪيشن ۾ به ڪجھ مفت جون ايپليڪيشنز آھن.
[social-bio id=4]

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button