مختصر خبرون

9 ڄڻا گرفتاري کان پوءِ گم، عدالت پوليس کي طلب ڪري ورتو

سکر : صالح پٽ پوليس پاران 9 ڄڻن کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ٽن ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز کي 20 مارچ تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، خبر موجب سکر جي تعلقي صالح پٽ جي 71 پل ٿرڙي واري علائقي جي رهواسي پينو فقير محمد حيات حاجاڻو وڪيل عبدالحڪيم سانگي وسيلي داخل ڪيل درخواست ۾ ڄاڻايو آهي ته صالح پٽ پوليس بغير ڪنهن جواز جي ان جي گهر تي چڙهائي ڪري ڀڃ ڊاهه ڪرڻ بعد عبدالوحيد ، سعيد، غلام نبي سندس زال اُڀائي سندس 5 سالن جي پٽ دچرو، معصوم ڌيءَ ثمينه، راڻو، لال خاتون، سندس ڌيءَ فرزانه، فوزيا، کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آهي هينئر پوليس مون ۽ منهنجي ڀائرن کي اڳواڻي تعلقه ناظم روهڙي جي فارم هائوس تان ٽرانسفارمر چوري جي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائڻ چاهي .

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button