مختصر خبرون

هنڱورجا: جسمم پاران ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف مظاھرو

جسمم جي ڪارڪنن پاران سنڌ يونيورسٽي مان گرفتار ڪيل جسمم ڪارڪنن جي آزادي لاءِ احتجاجي مظاهرو، تفصيل موجب جيئي سنڌ متحدا محاذ يونٽ شهيد سميع الله ڪلهوڙو جي ڪارڪنن سنڌ يونيورسٽي مان گرفتار ڪيل جسمم ۽ جساف ڪارڪنن جي آزادي لاءِ فياض ڏاهري، نورالله تنيو جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سامهون قومي شاهراهه تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو اڳواڻن چيو ته بنا سبب جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن گرفتار ڪري وڏي ناانصافي ڪئي وئي آهي هنن ڪارڪنن کي جلد آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

وڌيڪ ڏيکاريو

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

Back to top button