مختصر خبرون
گڏيجي: انڪروچمنٽ ختم ڪرائي وئي وڃي، آصف رضا شاهه
هنڱورجا: گڏيجي جي رهواسي سيد آصف رضا شاهه پريس ڪلب پهچي دانهيو آهي ته با اثر گڏيجي ۾ محلي جي گهٽي ۾ انڪروچمنٽ ڪري گهٽي بند ڪري ڇڏي آهي جنهن ڪري شهرين ۽ محلي واسين جو اچڻ وڃڻ بند ٿي ويو آهي اهڙي عمل جي خلاف صوبائي محتسب اعلي ، ڪمشنر سکر، ڊي سي خيرپور وٽ ڪيترائي ڀيرا دانهيو آهي پر ڪير به دادرسي ۽ انڪروچمنٽ ختم ڪري گهٽي کي بحال ڪرڻ لاءِ قدم نٿو ڪڻي جيڪا وڏي ناانصافي آهي ۽ بااثر گهٽي جي انڪروچمنٽ ختم ڪرڻ بدران اسان کي به ڌمڪائي رهيو آهي. هن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن انڪروچمنٽ ختم نه ڪرائي وئي ته قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويندو.