سکر

ڪچا بندر متاثرين جو ٻئي ڏينھن به علامتي بک ھڙتال جاري

بيورو رپورٽ، سکر
Sukkur barrageڪچا بندر متاثرين ايڪشن ڪميٽي سکر پاران چونڊيل نمائندن جي طرفان مسلسل نظرانداز ڪرڻ ۽ اڃان تائين معاوضو فراهم نه ڪرڻ جي خلاف متاثرين ٻئي ڏينهن به سکر پريس ڪلب جي آڏو علامتي بک هڙتال جاري رکي، ۽ متاثرين پاران سينيٽر اسلام الدين شيخ، ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر نعمان اسلام الدين شيخ جي خلاف سخت نعري بازي ڪئي، متاثرين ڪچا بندر ايڪشن ڪميٽي جي صدر اصلاح الدين شيخ، سليم انصاري، خدابخش سولنگي، انيسه بيگم، ڪنول خاتون ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته 0 1 0 2 جي ٻوڏ کان پوءِ سينيٽر اسلام الدين شيخ ۽ ايم اين اي نعمان اسلام الدين شيخ پاران ڪچا بندر جي رهواسين کي بي دخل ڪرڻ جي لاءِ حڪومت پاڪستان کان هڪ ارب روپين جي رقم حاصل ڪئي، جيڪا بعد ۾ سياست جي نظر ٿي وئي، ۽ ڪجهه متاثرين ڪچا بندر کان علاوه سياسي ڪارڪنن کي نوازيو ويو، حقيقي متاثرن کي نظرانداز ڪيو ويو، هنن چيو ته متاثرين ڪچا بندر جي نالي تي وڏي پئماني تي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، جڏهن ته حقيقي متاثرين ڪچا بندر کي صرف دلاسا ڏنا ويا آحن، جيڪڏهن متاثرين ڪچا بندر کي جلد از جلد ادائيگي جي لاءِ موثر قدم نه کنيا ويا ته انتهائي سخت قدم کڻڻ تي مجبور ٿي وينداسين.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button