رانديون
ڊونيڊن ٽيسٽ ۾ گورن جون وايون بتال، پهرين اننگ ۾ 167 رنسن تي ڍير
ڊونيڊن : انگلينڊ ٽيم نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن اننگ ۾ 167 رنسن تي ڍير ٿي وئي، ميزبان ٽيم راند جي پڄاڻي تائين بنا ڪنهن نقصان جي 131 رنسون ٺاهي ورتيون، ڊونيڊن ۾ ٿيندڙ ميچ جو پهريون ڏينهن برسات جي ور چڙهي ويو هو، انگلينڊ ٻئي ڏينهن بيٽنگ شروع ڪئي ته پهرين ميچ کيڏندڙ اسپنر، بروس مارٽن ۽ ويگنز انگلينڊ جي مضبوط بيٽنگ جا لاهه ڪڍي ڇڏيا، انگلش بيٽسمينن غلط شاٽس کيڏندي پنهنجون وڪيٽون وڃايون، جوناٿن ٽراٽ 45 رنسن سان ٽاپ اسڪور رهيو، مهمان ٽيم پهرين اننگ ۾ صرف 167 رنسن تي ڍير ٿي وئي، مارٽن ۽ ويگنز 4-4 وڪيٽون ورتيون، جواب ۾ نيوزيلينڊ اسپرز محتاط انداز ۾ اننگ جي شروعات ڪئي ۽ ٻئي ڏينهن جي راند جي پڄاڻي تائين بنا ڪنهن نقصان جي 131 رنسون ٺاهي ورتيون، هميش ردر فورڊ 77 ۽ پير فلٽن 46 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا.