پٽ جي علاج لاءِ پيءَ جي چيف آف آرمي اسٽاف کي اپيل
عمر سومرو، سکر
سکر جي علائقي صالح پٽ جو رهواسي بلڊ ڪينسر ۾ مبتلا پاڪستان آرمي جي مجاهد فورس جي جوان جو والد ان جي علاج جي لاءِ ٻارن سان گڏ سکر پريس ڪلب پهچي ويو. مجاهد فورس جي جوان امام بخش سومرو جي والد الهداد سومرو ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجو پٽ امام بخش آگسٽ 2012 ۾ بيمار ٿيو ته اسان ان جو علاج ڪرايو، پر ڪوبه فائدو نه پيو، جنهن تي ان جي ٽيسٽ سي ايم ايڇ اسپتال پنو عاقل ڪينٽ مان ڪرائيون ويون ته معلوم ٿيو ته ان کي بلڊ ڪينسر جو مرض آهي، جنهن تي ان کي جي ايڇ ڪيو جي راولپنڊي جي اسپتال ۾ آندو ويو، جتي ڪجهه ڏينهن تائين علاج ڪيو ويو پر بعد ۾ ٻڌايو ويو ته ان جي علاج جي لاءِ 15 لک روپيا خرچ ٿيندا، ڇو ته هي آرمي جو پڪو ملازم نه آهي، ان لاءِ حڪومت ان تي رقم خرچ نٿي ڪري سگهي، هنن چيو ته غريب ماڻهو آهيان، محنت مزدوري ڪري ٻارن جو پيٽ پاليندو آهيان، مون وٽ ايتري رقم ناهي جو پٽ جو علاج ڪرائي سگهان، هن صدر پاڪستان، چيف آف آرمي اسٽاف کان اپيل ڪئي آهي ته منهنجي پٽ جي زندگي بچائڻ جي لاءِ ان جو علاج سرڪاري خرچ تي ڪرائين.