پوليس پاران بازياب ڪرايل عورت پيرڳوٺ جي عدالت ۾ پيش
اصغر ملاح، پير جو ڳوٺ
صدرجي ڀٽيون لڳ مبينا اغوا بعد پوليس پاران بازياب ڪرايل عورت پيرڳوٺ جي عدالت ۾ پيش، عورت جي بيان ٻڌڻ بعد عدالت کيس والدين حوالي ڪري ڇڏيو رپورٽ موجب، هڪ هفتو اڳ صدرجي ڀٽيون لڳ ڪچي جي علائقي ڳوٺ گهر پنهنجا مان مبينا طور اغوا ٿيل ٻن ٻارڙن جي ماءُ مسمات مومل زال رحمت الله عرف جلال ڪلهوڙو کي عبدالرحمان انڙ پوليس بازياب ڪرائڻ بعد اڄ (سومر ڏينهن) پيرڳوٺ جي سول جج جي عدالت ۾ پيش ڪيو جتي عورت بيان ڏيندي چيو ته مان پنهنجي مڙس رحمت الله عرف جلال جي تشدد کان تنگ ٿي پنهنجي والدين جي گهر آئي هيس مونکي ڪنهن به اغوا نه ڪيو هو نه ئي مان گهر مان چوري ڪئي هئي هن چيو ته مونکي پنهنجي مڙس مان جان جو خطرو آهي جنهنڪري آئون ان سان گڏ نه رهندس، عورت وڌيڪ چيو ته سندس ٻن سالن جي ڌيءُ ثريه ۽ هڪ سال جو معصوم پٽ انصار منهنجي مڙس وٽ زبردستي ترسيل آهن جن کي مون حوالي ڪيو وڃي اهڙو بيان ٻڌڻ بعد عدالت کيس والد عبدالغفور جتوئي حوالي ڪري ڇڏيو جن کي پوليس لاڙڪاڻي جي بروهي ڦاٽڪ وٽ محفوظ ڇڏي واپس موٽي آئي آهي، ياد رهي ته هڪ هفتو اڳ عورت جي مڙس رحمت الله عرف جلال ڪلهوڙو عبدالرحمان انڙ ٿاڻي تي پنهنجي زال ۽ ڪلهوڙ برادري جي ماڻهن محمد اسحاق، وسيم ڪلهوڙو مٿان پنهنجي زال کي اغوا ڪرڻ ۽ چوري جو ڪيس داخل ڪرايو هو.