دادو

يو ايس ايڊ جي تعاون سان مـــلاح عورتن کي ننڍا قرض ڏيڻ جي سلسلي ۾ سيمينار ٿيو

USAID seminar (640x267)دادو: ناري ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن پاران مقامي هوٽل ۾ (يو ايس ايڊ) جي تعاون سان منڇر ڍنڍ جي مـــلاح عورتن کي ننڍا قرض ڏيڻ جي سلسلي ۾ سيمينار ٿيو. سيمينار کي خطاب ڪندي پنهل ساريو،گلڻ ڀنڊ،عزرا ميمڻ، جاويد سوزهالائي،نظام شيخ،مولابخش ملاح ، حيدر سيال ۽ ٻين چيو ته 2010 جي ٻوڏ ۾ 2 ڪــــروڙ ماڻهن جي لڏپلاڻ ٿي، جنهن سان سنڌ کي 50 ارب ڊالــــرن کان وڌيڪ نقصان ٿيو جنهن جو هن مهل تائين ازالو نه ٿيڻ سبب بک ، بدحالي واڪا ڪري رهي آهي. ۽ هن وقت تائين ماڻهن جي بحالي لاءِ سرڪار ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي، منڇر ڍنڍ جا مرد عورتون اڄ به بدحاليءَ جو شڪار آهن،جن تي ڪنهن کي به رحم نه آيو. منڇر ڍنڍ جي عــــورتن کي ننڍا ننڍا قرض ڏنا وڃن ته هو پنهنجو ڪم ڪار ڪري سگھن ۽ گذرسفر ڪري سگھن. منڇر ڍنڍ ۾ مٺو پاڻي گاج ڊئم مان ايندو آهي،گاج ڊئم ٺهـــڻ جي صورت ۾ منڇر ڍنڍ ۾ پاڻي نه ايندو، منڇر جا مهاڻا سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي سگھن ٿا.حڪومت کي گھرجي ته منڇر ڍنڍ جي ماڻهن لاءِ ڪو جوڳو بندوبست ڪيو وڃي.۽ گاج ڊئم مان لنڪ ڪڍي منڇر کي مٺي پاڻيِءَ لاءِ ڏني وڃي.

وڌيڪ ڏيکاريو
Back to top button